آءِ ايڇ ايس شهيد بينظير آباد جي ڊسٽرڪٽ مينيجر طرفان تعلقي اسپتال قاضي احمد ۾ آندل ٻار جي فوتگي تي تفصيل ورتا

قاضي احمد :- تعلقي اسپتال قاضي احمد ۾ سيريس حالت ۾ آندل نون سالن جي ٻار جي فوتگي جو سبب سندس پراڻي بيماري هئي. کيس غلط انجيڪشن لڳائڻ واري تاثر جي جانچ وٺڻ لاءِ آءِ ايڇ ايس شهيد بينظير آباد جي ڊسٽرڪٽ مينيجر چوڌري نثار احمد اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر جمشيد احمد، ڊيوٽي ڊاڪٽر شاه نواز کوسو ۽ موقعي تي موجود پيراميڊيڪل اسٽاف کان تفصيلي معلومات ورتي. سندس مشاهدي مطابق دولتپور لڳ ڳوٺ مير محمد جي رهواسي نون سالن جي ٻار اياز علي اوٺو کي سندس والد محمد حنيف ۽ گھر ڀاتي سيريس حالت سبب پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نوابشاه کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ٻار جي طبيعت اچانڪ گھڻو بگڙجندي ڏسي واٽ ۾ پوندڙ قاضي احمد اسپتال ۾کيس آندو ويو. چوڌري نثار وڌيڪ ٻڌايو ته ان وقت ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر شاه نواز کيس فوري طبي امداد طور سور گھٽائڻ جي انجيڪشن لڳائي ۽ کيس نوابشاه اسپتال رفر ڪيوپئي ويو ته ٻارموقعي تي ئي گذاري ويو. اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جمشيد احمد ان جو سبب اياز اوٺي کي پيٽ جي ڪا پراڻي تڪليف هجڻ ۽ بيماري جي پيچيدگي قرار ڏنو انهي جي ڪري ئي کيس سندس رشتيدار نوابشاهه علاج لاءِ وٺي پئي ويا. ڊاڪٽر جمشيد جو وڌيڪ چوڻ هيو ته فوتي جي مڙهه لاءِ تعلقي اسپتال جي ايمبولنس مهيا ڪئي وئي هئي ۽ اسپتال عملو ڳوٺ تائين ساڻن گڏ هيو. هن چيو ته ڪنهن به مرحلي تي ٻار جي رشتيدارن پاران اسپتال جي عملي جي لاپرواهي جي شڪايت جو ڪوبه تاثر ناهي ڏنوويو. باقي فرسٽ ايڊ پروٽوڪول موجب مريض کي گھربل انجيڪشن وغيره لڳائڻ ميڊيڪل ٽريٽمينٽ جو روٽين آهي. چوڌري نثار جو چوڻ هيو ته اهڙي بدقسمت صورتحال پئدا ٿيڻ جو ڪارڻ ڪنهن انجيڪشن کي غلط يا صحيح سمجھڻ بدران ان جي اڻڌري جانچ لهڻ آهي. هن چيو ته آءِ ايڇ ايس ۽ تعلقي اسپتال انتظاميا فوتي فيملي سان ڏک ونڊيندي هر قسم جي اڻڌري جانچ جي ذميواري کڻي ٿي.