آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ 111 صحت مرڪزن تي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن لاءِ اينٽي ريبيز ويڪسين مهيا ڪئي وئي

حيدرآباد :- سنڌ جي صحت مرڪزن تي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن لاءِ ويڪسين جي موجودگي نه هجڻ جي سببن تي هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي آءِ ايڇ ايس جي هيڊ آف آپريشن طاهر عباس چيو ته اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ لڳ ڀڳ 111 ئي صحت مرڪزن تي اينٽي ريبيز ويڪسين مهيا ڪئي وئي آهي. ويڪسين جي وقتي کوٽ جو سبب مارڪيٽ ۾ ويڪسين مهيا ڪندڙ ڪمپنين جي محدود اسٽاڪ ۽ ڪجھ ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري سرڪاري فنڊ جو وقت سر مهيا نه ٿيڻ هيو. طاهر عباس وڌيڪ چيو ته هتي جي صحت مرڪزن کي فقط ٽن ڪمپنين جن ۾ ٻه انڊيا ۽ هڪ چائنا جي ڪمپني کان گھربل تعداد ۾ ويڪسين نه ملي سگھڻ آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ نيشنل هيلٿ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد ۾ ٺهندڙ ويڪسين به ان کوٽ جي پورائي لاءِ حاصل ڪئي ويندي آهي. وقتي طور ويڪسين جي عدم موجودگي جو هڪ ٻيو سبب رسد، ٽرانسپورٽ، ويئر هائوس کان صحت مرڪزن تائين پهچڻ وارو مختصر وقفو ٿي سگھي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسان مختلف هيلٿ سينٽرن تي موجود اسٽاڪ مان گھرجائو سينٽرن تي ويڪسين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. طاهر عباس اڳتي ٻڌايو ته سرڪاري صحت کاتي کان ملندڙ فنڊس ۾ ٿيندڙ وقتي گيپس کي لاڳاپيل فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ هيلٿ اٿارٽي سان تفصيلي ميٽنگن ۾ حل ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ريگيولر گھربل فنڊ ملندي ئي ويڪسين خريدي سڀني هيلٿ سينٽرن تي پهچائڻ جو سلسلو جاري شروع ڪيو ويو آهي. طاهر عباس اميد ڏيکاري ته باقي رهيل لوڪل فنڊز ملڻ کان پوءِ اها وقتي طور ٿيندڙ کوٽ به آئنده نه ٿيندي