آءِ ايڇ ايس انتظاميا صحت جون سهولتون بهترين طريقي سان مهيا ڪري رهيو آهي:

حيدرآباد :- سعيد آباد تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرسيد عمار رضوي رورل هيلٿ سينٽر بليڏنوڪاڪا جو اوچتو دورو ڪيو. سندس دوري وقت اسپتال جي ايم ايس يار محمد ڳاهوٽي ۽ ليڊي سونولاجسٽ سميت ميل فيمل ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو موجود هيو. سيد عمار رضوي اسپتال جي سمورن وارڊن، ليبارٽري، اسٽور، مردن ۽ عورتن لاءِ اوپي ڊي سيڪشن، ايمر جنسي روم ۽ مريضن جي رجسٽريشن ۽ ويٽنگ ايريا جو معائنو ڪيو. پنهنجي مشاهداتي نوٽس ۾ هن آءِ ايڇ ايس انتظاميا پاران اسپتال جي صفائي سٿرائي ۽ صحت سهولتن کي ساراهيندي انهي اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پڻ اسپتال انتظاميا ان بهتر معيار کي قائم رکندي. آءِ ايڇ ايس مٽياري ضلعي جي ڊسٽرڪٽ مينيجر جو چوڻ هيو ته بي ڊي ڪاڪا جو هي رورل هيلٿ سينٽر 1998 کان هن ڳوٺ جي 15000علائقي واسين سميت آس پاس جي 30000 کان وڌيڪ آبادي کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي. اسپتال ۾ روزانو 12 ڪلاڪ ايمرجنسي ڪيئر ۽ 24 ڪلاڪ ماءَ ۽ ٻار جو صحت مرڪز بنان معاوضي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.