آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ طرفان ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ دنيا جي انتهائي غريب 25 ملڪن لاءِ قرض جي منظوري ڏني وئي

International Monetary Fund Managing Director Christine Lagarde opens the IMFC meeting at the IMF Headquarters October 14, 2017. IMF Staff Photo/Stephen Jaffe

ڪراچي :- آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ طرفان ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ دنيا جي انتهائي غريب 25 ملڪن لاءِ قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف جي مينجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا اداري جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻيو ته ڪورونا آفت جي اثرن کي روڪڻ ۽ رليف ٽرسٽ تحت غريب ملڪن کي 5 سئو ملين ڊالرز ڏنا ويندا. ڪرسٽالينا جورجيوا اداري جي ويب سائيٽ چيو ته منظور ڪيل قرض غريب ۽ آفت سٽيل ملڪن کي ايندڙ 6 مهينن لاءِ آءِ ايم ايف جي قرض جي ادائيگي ۾ مدد ڏيندو. ڪرسٽالينا جورجيوا چيو ته آءِ ايم ايف کان 5 سئو ملين ڊالرز ملڻ سان غريب ملڪ پنهنجي ملڪ جو ناڻو ۽ ٻيا وسيلا طبي ۽ ٻئي ريلف جي ڪم ۾ ڪم آڻي سگهندا.