،لاڙڪاڻي واسي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي نوجوان ۽ ناري پاران تحفظ جي گهر

ميهڙ(رپورٽ عبدالغني ميراڻي) لاڙڪاڻه واسي جوڙو دادوڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي نوجوان ۽ ناري پاران تحفظ جي گهر ڪري ڇڏيتفصيل موجب لاڙڪاڻو شهر جي نظر محلا جا رهواسي دادو ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو مسمات ريما ڌي حاجي محمد کهاوڙ ۽ نوجوان امجد پٽ غلام سرور جاگيراڻي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 4 مهينا پهرين موبائيل فون تي ڳالهائڻ دوران هڪ ٻئي کي پسند ڪيوسين ۽ اسان جو فون تي رابطو هلندڙ هيو جڏنهن ته ناري مسمات ريما کهاوڙ چيو ته منهنجا مائٽ شادي تي راضي نه هئا، تنهن ڪري مجبور ٿي گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي، ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي هن چيو ته هاڻ اسان جا مائٽ جنهن ۾ منهنجو پي حاجي محمد کهاوڙ ڀاء علڻ , خادم , بخشل , خالد سميت ستن ڀائرن ۽ ماسات نظام ۽ ان جو پي حاجي محمد جڏنهن ته وڏيرو سرائي لياقت کهاوڙ ويري بڻجي ويا آهن اسان کي قتل ڪرڻ لاء ڳولا ڪري رهيا آهن ۽ اسان مٿان رحمت پور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏنهن ته دادو ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان امجد علي جاگيراڻي چيو ته اسين پيار جو پرڻو ڪيو آهي ڪو ڏوه نه ڪيو آهي منهنجي زال جا مائٽ پي ڀاء مون سميت منهنجي گھرڀاتين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين جڏنهن ته جوڙي وڌيڪ چيو ته اسان کي جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آھي ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته اسان مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي