گهگهر مان کنڀي گم ڪيل پورهيت جو پتو نه پيو،وارثن جو مظاهرو

ملير:- گهگهر مان 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان ظهراڻي جي زال بشيران ظهراڻي ۽ پٽ عرفان ظهراڻي ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي بشيران زهراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي مڙس کي 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيو ويو جنهنجو هيستائين ڪو ڏس پتو نه آهي ، گهر ۾ اڪيلو ڪمائڻ وارو ماڻهو هو سندس گم ٿيڻ کانپوءِ گهر ۾ فاقاڪشي جهڙي صورتحال آهي، هن وڌيڪ چيو ته پٺاڻ ظهراڻي پورهيت هو جيڪو گهگهر جي هڪ نجي فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندو هو، هن چيو ته منهنجو مڙس گڙدن جو مريض آهي، سندس علاج هلندڙ هو پر کنڀجي وڃڻ کانپوءِ هن جي طبيعت بابت به ڪا خبر ناهي. اسان انتهائي پريشان ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، آرمي چيف آف جنرل جاويد باجوه، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته سندس مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.