اومني گروپ ۽ آصف زرداري آبادگارن جا رهيل پئسا ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ آهن : سيد زين شاهه

 سڪرنڊ 🙁رپورٽ: قربان عمراڻي)ايس يو پي جي مرڪزي سينئر نائب صدر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ ضلع شهيد بينظير جي اڳواڻ سيد زين شاهه پنهنجي رهائشگاهه ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ميڊِيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي جدوجهد سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي حقن جي لاءِ آهي سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪمند جي اگھ 182 رپين تي مل مالڪن عمل نه ڪيو ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ نا انصافي جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي پُر امن احتجاج مل مالڪن خلاف ڪيو جڏهن ته سنڌ حڪومت جي نيت مان خبر پئجي وئي ۽ سندن حڪومت جو اصل چهرو نظر اچي ويو آهي ۽ حڪومت مل مالڪن سان مليل آهي جنهن جو ثبوت اسان جي سوين آبادگارن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آرز داخل ڪرائڻ آهي سيد زين شاهه چيو ته اومني گروپ ۽ آصف زرداري آبادگارن جا رهيل پئسا ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ آهن سيد زين شاهه چيو ته مون سميت ايس يو پي جي ٻين اڳواڻن مٿان مڙهيل ڪوڙين ايف آئي آرن جي ضمانت نه ڪرائي رهيا آهيون حڪومت چاهي ته اسان کي گرفتار ڪري سگھي ٿي پر سنڌ جي عوام جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا سون هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٻنهين صوبائي وزيرن اسماعيل راهو ۽ ناصر شاهه پاران آبادگارن سان ملاقات ڪري انهن جي ٽنهين معاملن 182 ريٽ ، پويون بقايائون ۽ آبادگارن کي ڊاريڪٽ ايڊنٽ جاري ڪرائڻ جي يقين دهاني بعد به 22 ڊسمبر تائين معاملا حل نه ٿيا ۽ مل مالڪن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته 26 ڊسمبر 2018 تي هزارين آبادگارن سان گڏجي مهراڻ هائي وي ٻانڌي تي سخت احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو