آڪٽوبر ۾ چمڙي جي ڪپڙن جي روانگي واپار ۾ 10.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو- انگ اکرن وارو ادارو

اسلام آباد (واپار ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال دوران آڪٽوبر ۾ چمڙي جي ڪپڙن جي روانگي واپار ۾ 10.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي انگ اکرن واري اداري (پي بي ايس) موجب گذريل سال آڪٽوبر ۾ 2 ارب 48 ڪروڙ روپين جو چمڙي جي مصنوعات جو روانگي واپار ڪيو ويو هو جيڪو هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ 10.78 سيڪڙو جي اضافي سان 2 ارب 74 ڪروڙ روپيا ريڪارڊ ڪيو ويو آهي.