واشنگٽن: آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ورجائيندي چيو آهي ته ان جو مخالف ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن پنهنجي پاڻ کي چونڊن ۾ فاتح تصور نه ڪري.ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته 3 نومبر تي رات جو 8 وڳي کانپوءِ هزارين غيرقانوني ووٽ آيا. ان سان پنسلوانيا ۽ ٻين رياستن ۾ نتيجا تبديل ٿيا.هن چيو ته مبصرن کي ووٽن جي ڳڻپ دوران داخلي جي اجازت نه ڏني وئي. دريون بند ڪيون ويون ته جيئن مبصر نه ڏسي سگهن ته ڳڻپ دوران ڇا ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف جوبائيڊن جي چونڊ مهم جي ترجمان چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي وائيٽ هائوس مان زبردستي ٻاهر ڪڍيو ويندو