ھڪ ھرڻي ۽ بينظير جي قتل ۾ ڪھڙو فرق آ؟ ليکڪ حسن مجتبيٰ

ڪجھه ڏيھاڙا اڳ جڏھن عظيم سنڌي قوم سندي پنج ھزار ساله عظيم الشان ثقافت جو ڏينھن ملھائي رھي ھئي ته ان ڏينھن جي لڳ ڀڳ، ڏينھن اڳ يا پوءِ دادو ضلعي ۾ سنڌ جي ھڪڙي طاقتور پيراڻي گادي جي راڻيپور جي نوجوان پير روشن شاھه ۽ سندن مريدن (سانگيئڙن ۽ جھانگيئڙن ) جھڙي ريت ھڪڙي گگدام ڳورھاري ھرڻيءَ کي ھر طرف کان گھيري ھڪلي تڙي ۽ سندن نوجوان پير لاءِ سندس ھٿ ۾ بندوق جي نشاني تي آڻي ماريو ويو، ۽ پوءِ وري ان ڳورھاري ھرڻي جو پيٽ چيري سندس ٻچو ڪڍيو ويو، مونکي بينظير جو راولپنڊي ۾ قتل ياد آيو. اھو ڊسمبر جو مھينو ھو جڏھن ستاويھين تاريخ ھن کي گھيري گھاري اڪيلو ڪري قتل ڪيو ويو ھو ۽ مون انھيءَ ڪربلا تي ھڪ نظم لکيو ھو، جنھن جون ھي سٽون به ھيون؛

وه تنها پياسي هرني تهي

اور هرسو قاتل ٽولي تهي

راڻيپور جي نوجوان پير ۽ سندس واٺن مريدن ھٿان انھي اڪيلي ڳورھاري ھرڻيءَ جي قتلام ۽ سندس پيٽ چيري ڦاڙي سندس ٻچڙي ڪڍڻ جي جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي سا اسان تي ھڪڙي چٽي شاھدي آ ته اسين ڪيڏيون به جھمريون ھڻون ۽ جمالا ڳايون پر اسين نه رڳو ظالم قوم پر بطور ظالم انسان به آھيون. جيڪڏھن اھو نوجوان پير ۽ سندس واٺا مريد پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ھجن ھا ته انھي ڳورھاري ھرڻي کي چيچلائي مارڻ ۽ ان جو پيٽ ڦاڙي سندس ٻچو ڪڍي کڻي وڃڻ جھڙي سنگين ڏوھه ۾ اتي سنجي دت ۽ اھڙن ٻين سيليبريٽن جيان پيا تھاڙ جيل ۾ ويٺا صبح ۽ شام ڪانجھي پيئن ھا. پر ھي پيارو پاڪستان آھي، پياري سنڌڙي آھي. جيتوڻيڪ ھتي به جھنگلي جيوت جي بچاءَ جا قانون توڻي جانورن خلاف ظلم جا قانون آھن پر اھي پير مير ،وڏيرا ،سردار جاگيردار، چوڌري، خان، وزير سندن واٺا، خليفا، مريد، فوج پوليس توڻي رياستي غير رياستي وي وي آءِ پي مھمانن ڪاڻ اھي پَٽ، جھنگ، پھاڙ، ٿر بر توڻي جر بس ڍڳو پير پيران لڳا پيا آھن. انسان حرامي ماڻھو آھي ۽ جھنگ جو قانون نافذ ڪيو ويٺو آھي. پر ھتي ته آھي سنڌ جي سگھارين پيراڻين گادين مان ھڪ راڻيپور وارن جو ڏنگو ٻار . اھي مير ۽ پير جن جي ياعمر ابين ڏاڏي شڪارن ۾ گذري آ پوءِ اھي جانارن ۽ پلي پسون جو شڪار ھجي يا انسانن جو شڪار، انھن جو نالو ڪير وٺي.  اھو ته ڀلو ٿئي نوجوان وڪيل ۽ منھنجي دوست پير غلام محمد پير ھني جو جنھن اھڙي ۾ ماري ۽ سندس واٺن خلاف سندن ھٿان ڳورھاري ھرڻي جي اھڙي قتلام ۽ سندس ٻچي جي کيس چيري ڦاڙي ڪڍي چورائي وڃڻ جهڙي سنگين ڏوھن تي دادو جي عدالت جو در کڙڪايو. پير ھني جي ان ڳالھه ۾ ڪيڏو نه درد آھي ته، “انسانن جو وڪيل ته ھر ڪو ٿي ويندو پر ھنن گگدامن جو وڪيل ڪير ٿيندو جيڪي پنهنجو بچاءُ به نه ٿا ڪري سگھن.” پير ھني گھڻن ڏيھن کان شڪارين جا گھر ڳوليندوٿو وتي. ان کان ڪجھه اڳ ھن  ھڪ ٻئي قسم جي گگدام پر مشيني بي زبان جي به ووڙ ڪئي ھئي، جيڪو ھڪڙو بجلي جو سرڪاري جنريٽر ھو ۽ ان جا پيرا سنڌ ۾ حڪمران پي پي جي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ جي پئٽرول پمپ تي ٿي دنگ ٿيا. سو پير ھني اھڙي عوامي دلچسپي جو ڪيس وڃي ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ھو. پر ھي جيڪا ھرڻي ۽ ان جي ٻچي جو قضيو آ اهو ته اڃان به اندوھناڪ آھي جو ان ۾ ھڪڙي سگھاري گادي جو نوجوان پير روشن شاهه ۽ ان جا واٺا مريد ملوث آھن. يعني ھڪڙي سگھاري ڌر. ھي اھا گادي آ جيڪا ھر دور ۾ ڀٽي کان زرداري تائين گھڻو ڪري پي پي پي سان سلھاڙيل رھي آھي سواءِ ھڪڙي دور ۾ جڏھن ڄام صادق علي بمبو ڦيرايو ھو ته ان گادي جا ڪجھه پير ڄام سان ھليا ويا هئا. ڪوھستان کان ڪشمور تائين وڏا وڏا ڊنگ سردار خان خانان شيخ اياز جي انهن سٽن جي سڪ لاھي رھيا ھا؛

”ھونئن ته وڏيرو ھِل ڙي،

ڏمري جي سرڪار

ته ھن جي جھرڪي جھڙي دل ڙي.”

ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن سياست ۾ داخل ٿيو ھو ته سندس ڪن خفتي مشيرن اھا صلاح ڏني ھئي ته ڪاني ڪرامتن ۾ ويساھه ويسوڙيل سنڌي عوام ۾ پنھنجون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ کيس سنڌ جي ٻن وڏن پيرن جا در ڀيٽڻا پوندا. اھي ٻه وڏا پير ھئا سندس پاڙي جا پير پاڳارو ۽ راڻيپور جو شايد پير ميران شاھه. ڀٽي نه فقط انھن ٻنھي وڏن پيرن جي آشيرواد وٺڻ لاءِ انھن جا در ڀيٽيا هئا پر ھو انھن ٻنھي پيرن سان پيرين پئي مليو ھو.

اھو ڀٽي جو پير پاڳاري سان پيرين پوڻ ڪيمرا ۾ ھميشه لاءِ محفوظ ٿي ويو ھو پر راڻي پور جي پير سان پيرين پوڻ علائقي ۾ زباني تاريخ ٻڌائيندڙن جي سينه گزيٽ ۾ محفوظ ٿي ويو ھو . مون نيوزلائين لاءِ انٽرويو دوران پير پاڳاري سيد علي مردان شاهه سڪندر شاھه کان پڇيو ھو ته پاڳارن ۽ ٽالپرن جا اوڻھين صدي ۾ تڪرار نيٺ ڪھڙي ڳالھه تي ھئا؟ ته ھن جواب ۾ چيو ھو، “ پيرن ۽ ميرن جا ڀلا ٻيو جھيڙا ڇا تي ٿيندا آھن! شڪارگاھن تي ٻيو ڀلا ڇاتي!” اھو وري ھڪ ٻي باشاھي جو قصو آھي ته ڪھڙي ريت انگريزن سنڌ تي قبضي کانپوءِ پاڻ پيري جاگيرداري سرداري کي سگھارو ڪيو. ھنن پير ن کي درگاھن جي مد ۾ سردارن جاگيردارن کي شڪارن گاھن ۽ چراگاھن جي مد ۾ ھزارين ايڪڙ زمينون ڏنيون. ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ڪچو يا ڪيٽيون، راڻي پور يا حمل ڍنڍ يا خانڳڙھه يا خيرپور، چانڊيا جاگير ھجي يا ٻگھيا جاگير، ھنن وٽ اسڪندر مرزا کان وٺي ايوب خان، وحيد ڪاڪڙ ،اسلم بيگ سمورا سگھارا اعليٰ حڪام شڪار لاءِ شاھي مھمان بڻجندا رھيا آھن. شاھه ايران کان وٺي سعودي توڻي قطري شاھزادن تائين سندن گھر لٿل ھوندا آھن. ته پوءِ اھڙي ۾ بينظير جي قتل واري طريقه واردات وانگر ماريل ھرڻي ۽ سندس ٻچڙي جي قاتل پير ۽ سندس واٺن مريدن ۾ آخر ڪھڙو ڪماني ھٿ وجھندو؟ جڏھن ته جھنگلي جيوت جو کاتو جيڪو آھي ئي جھنگلي جيوت توڻي جھنگ جو ستياناس ڪرڻ وارو کوکو کاتو. لڳو رھه پير ھني ضرور پاڻ ھڪ اھڙي قوم جا فرد آھيون جنھن جا گھڻا مرد سنڌوءَ جي انڌي ٻلھڻ سان رئپ ڪرڻ چاھين ٿا (جنھن کي ھو “سيڪس ڪرڻ” چون )۽ ٿر ۾ ايندڙ ويندڙ ھر ننڍي وڏي عملدار سان فرمائش اتان ھرڻ يا مور جي سوکڙي آڻڻ سان ٿيندي ھجي ۽ انھن عملدارن وٽ اھي اڳ ۾ ئي خطري ھيٺ آيل پکي ۽ جانور ذاتي مِني زُو ۾ موجود ھجن. ملڪ توڻي سنڌ جي اھڙي بدمعاشيه (انھن کي الائجي ڇو “اشرافيه” سڏيو ويندو آ!) جي مڙسي اھا ھوندي آھي جو گگدام شڪار جانورن ۽ پکين جا لاش قطار اندر قطار سندن گاڏين جي بانٽن تي رکي سيلفيون يا فوٽو ڪڍرائن. پوءِ اھڙن شڪارين ۾ خورشيد شاهه ھجي يا مظلوم قومن جي ڳالھه ڪندڙ اختر مينگل ھجي