ھند سنڌ جو ارڏو سياستدان شھيد الله بخش سومرو

                         سنڌ جي سرزمين ھر دور ۾ عظيم، دلير دودن سپوتن کي جنم ڏنو آھي، جن پنھنجي سنڌ امڙ جي بقا خاطر پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏيائون انھن سپوتن مان شھيد الله بخش سومرو به ھڪ آھي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1900ع ۾ خان صاحب حاجي محمد عمر سومرو جي گھر شڪارپور ۾ ٿيو سندس شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ پرائي. ھوپ فل اڪيڊمي شڪارپور مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ھو پنھنجي والد خان صاحب حاجي محمد عمر سومرو جي ڪاروبار ۾ ٻانھن ٻالي ٿيو ۽ سياست ۾ پڻ ھن دلچيسپي ورتائون. 1923ع ھو ھڪ ئي وقت جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي ۽ ضلع لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928ع ۾ شھيد الله بخش سومرو صاحب سکر لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ھ، تنھن بعد ھو بمبئي ڪونسل جو ميمبر پڻ چونڊيو ۽ لڳاتار 9 سال 1935 تائين چونڊجندو رھيو. ھن بمبئي ڪونسل ۾ سنڌ جي بھتر نمائندگي ڪئي ۽ سکر بئراج به سندس ئي ڪوشش جو نتيجو آھي. جڏھن بمبئي ايڪٽ مطابق سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ۽ 1937ع ۾ چونڊون ٿيو ته سنڌ ۾ سنڌ يونائٽڊ پارٽي ٺھي ته پاڻ ان ۾ شامل ٿيو، جنھن جو صدر سر شاھنواز ڀٽو ھو. سر شاھنواز ڀٽو لاڙڪاڻي مان شيخ عبدالمجيد سنڌي کان ھارائي ويو ۽ شھيد الله بخش سومرو شڪارپور مان 1937ع واري چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو. شھيد الله بخش سومرو 1938ع ۾ سنڌ جو پھريون وزيراعظم (پريميئر) چونڊيو ۽ 1942ع تائين ٻه دفعا سنڌ جو وزيراعظم (پريميئر) ٿيو. شھيد الله بخش سومرو صاحب پنھنجي دور ۾ سنڌ جي وڏيرن کان انگريزن طرفان مليل مئجسٽريٽ وارا پاور واپس ورتا. ھن بااصول بھادر انسان سنڌ جي ترقي وارا ڪم شروع ڪرايا سکر بيئراج جھڙا ميگا پروجيڪٽ ڏئي سنڌ جي لکين غير آباد زمينون آباد ڪرايون، جنھن سان غريب ھارين مزدورن کي وڏو فائدو رسيو. مسجد منزل گاھه وارن فسادن کانپوءِ سال کن لاءِ وزارت عظمي کان ٻاھر رھيو پر 1941ع ۾ ٻيهر کيس وزارت عظمي جو عهدو نصيب ٿيو. 1939ع کان ٻي عالمي جنگ شروع ٿي چڪي ھئي 1942ع ۾ ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ماڻھو انگريزن وٽان مليل لقب واپس ڪن ته سڀ کان پھريان شھيد الله بخش سومرو احتجاج طور انگريز سرڪار طرفان مليل لقب “خانبھادر” وارو لقب ھڪ انگريز سرڪار کي خط لکي واپس ڪري ڇڏيو. ان وقت جي انگريز گورنر ان قدم کي حلف وفاداري جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي 1942ع ۾ کيس وزارت عظمي کان ھٽائي ڇڏيو. ان بعد 1942ع کان مئي 1943ع تائين شھيد الله بخش سومرو صاحب سماجي ڪمن طرف توجهه ڏني. ان وقت سنڌ وڏين ٻوڏن ھيٺ آيل ھئي جڏھن سنڌوندي جو پاڻي بيگاري بند سان ٽڪرائجي رھيو ھو، ھر فرد پنھنجي مستقبل لاءِ پريشان ٿي رھيو ھو، سڄو شھر خالي ٿيندو پيو وڃي، پر شھيد الله بخش سومرو پھاڙ جيان ٿي ٻيٺو! ھن پنھنجي آباد زمينن کي ٻوڙائي شڪارپور شھر کي بچايو. دنيا ڏٺو ته شڪارپور مان ھڪ  فرد به بي گھر نه ٿيو ۽ نه وري ھڪ پاڻي جو قطرو شھر ۾ داخل ٿيو. شھيد الله بخش سومرو احب ھر عام ماڻھن جي وچ ۾ رلي ملي ويندو ھو. سندس سادگي جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. بقول پير علي محمد راشدي جي ته شھيد الله بخش سومرو ڪڏھن به وزارت جي سطحي اعزاز ۽ نمائشي پھلوئن کي استعمال ڪو نه ڪيو. نه سندس سواري وقت رستا بند ٿيا نه پوليس جو گارڊ آف آنر ورتائين نه اڳواٺ حڪم ڪري يا پروگرام رٿي استقبال لاءِ مجموعا ڪٺا ڪرايائين۔۔! سنڌ واسي اڄ به اھڙن ليڊر جو انتظار ڪن ٿا. 14 مئي تي شھيد الله بخش سومرو صاحب پنھنجي ٻين دوستن سان نيرن ڪري ٽانگي تي گڏجي چڙھي پئي ويو ته رستي ۾ مسلمانن مرڪندي اسلام عليڪم،! جا آواز ڪيا ته ھندن نياز ۽ دعا جا الفاظ اچاريا ، ڇاڪاڻ جو سنڌ جو عظيم انسان شھيد الله بخش سومرو پنھنجي گھران نڪري اڳتي اچي رھيو ھو واٽ تي کيس دڪاندارن ريڙھين وارن به سلامن نيازن جي ڌم لائي ڏني! ھو سڀني سان مخاطب ٿيندو ۽ خيريت پڇندو وڌندو ويو. شھيد الله بخش سومرو ٽانگي ۾ اڳيان ويٺو “اخبار” پڙھي رھيو ھو سندس اکيون اخبار ۾ کتل ھيون جيئن ئي وڌندو نيو فوجداري جي ٽه واٽي تي پھتو تيئن ئي لڪل قاتل ظاھر ٿي پستولن جا فائر ڪري وٺي ڀڳا. شھيد الله بخش سومرو صاحب کي سيني ۾ گوليون لڳيون سندس زبان تي “الله اڪبر”  جا آواز نڪتا مگر ھو گھڻي دير جيئرو نه رھي سگھيو ۽ راھ رباني وٺي شھادت جو جام پيتو. سندس شھادت جي خبر جيئن نشر ٿي ته سڄي سنڌ ۾ ڪھرام مچي ويو. سندس قتل جي سازش کان اڄ تائين پردو ڪو نه کڄي سگھيو آھي ۽ اھو پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته شھيد الله بخش سومرو سنڌ جي ڪنھن ويري ھٿان شھيد ٿيو جيڪو سنڌ جي ترقي ڪو نه ڏسي سگھي پئي.

اڄ سندس ورسي جو ڏينھن آھي ڀلي سرڪار کي ياد ھجي يا نه ھجي پر سنڌ واسي اڄ به پنھنجي محبوب ليڊر کي ياد ڪن ٿا ورسي جي ڏينھن تي سنڌ لاء ڪيل خدمتن تي سرخ سلام پيش ڪن ٿا.

فراز احمد سومرو