گڏيل قومن جو ادارو سنڌي ثقافتي ڏهاڙي کي عالمي ثقافتي ڏهاڙو مڃي: ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

گڏيل قومن جو ادارو سنڌي ثقافتي ڏهاڙي کي عالمي ثقافتي ڏهاڙو مڃي

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

جيڪي به عالمي ڏينهن جهڙوڪ: مادري ٻولين جو ڏينهن، پورهيتن جو ڏينهن، پيءُ، ماءُ ۽ عورتن وغيره جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان جو ڏينهن يا تاريخ ڪنهن واقعي جي بنياد تي گڏيل قومن جو ادارو پنهنجن ذيلي ادارن معرفت مقرر ڪندو آهي. پڌرنامي کان پوءِ دنيا جا سمورا ملڪ ۽ قومون ان کي پنهنجو ڪري ملهائينديون آهن.

سڄيء دنيا ۾ رهندڙ سنڌي قوم 2009 کان سنڌي ثقافتي ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائيندي پئي اچي، جنهن کي دنيا جي ڪجھ ملڪن سرڪاري مڃتا به ڏني آهي.انهن ملڪن ۾ ڪئناڊا نمايان آهي.
هيءُ ڏينهن پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صاحب جي افغانستان جي دوري دوران کيس پاتل سنڌي ٽوپيءَ تي جيو نيوز جي تڏهوڪي ميزبان ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ڪيل چٿر جي رد عمل ۾ شروع ٿيو. سنڌي قوم اها ٽوڪ پاڪستان جي صدر تي نه پر پنهنجيءَ ثقافت تي محسوس ڪئي. ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي اڳوڻي سرواڻ علي قاضيءَ ثقافتي ايڪتا جي ڏينهن ملهائڻ جو بنياد رکيو.
هاڻي سڄي سنڌي ميڊيا مختلف موضوعن سان اهو ڏينهن پنهنجيءَ قوم سان گڏجي ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ملھائي ٿي. ٻاهر رهندڙ سنڌي ان کي سنڌي سنڊي (آچر) به سڏن ٿا.

ڌرتي ٽي ويء جي ثقافتي پروگرام ۾ 04.12.2020 تي شام جو ستين کان اٺين ڊاڪٽر شير مهراڻيء ۽ مون رٿ ڏني ته دنيا جا سمورا ملڪ ۽ قومون سنڌي ثقافت کي مڃتا ڏئي هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ثقافت جو عالمي ڏهاڙو( World Culture Day ) ملهائن.
ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پروگرام ۾ موجود ايم پي اي منور وساڻ صاحب اسان سان لائيو پروگرام ۾ وچن ڪيو ته هو ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪندو ۽ سنڌ حڪومت کان يو اين او جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکرائيندو. پروگرام جا ميزبان نصير گوپانگ ۽ دعا ميمڻ هئا، جڏهن ته ڊائريڪٽر اي ڊي شرما هو. ٻين مهمانن ۾ پروفيسر الطاف اثيم ۽ جڳ مشهور ڳائڻو ارشد محمود شامل هو.
هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت به ضروري آهي ته، 21هين مئي تي ورلڊ ڊي فار ڪلچرل ڊائورسٽي فار ڊائلاگ اينڊ ڊولپمينٽ ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد عام ثقافت کان ٿورو مختلف آهي، هونء به لفظ ڪلچر وسيع معنا وارو لفظ آهي.
اچو ته سڀ گڏجي سنڌي ثقافتي ايڪتا ڏهاڙي جي عالمي مڃوتي ڪرائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.