گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب ڊيجيٽل ڪرنسي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو

ابو ظهبي (ڪامرس ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي مرڪزي بينڪ جي گورنر مبارڪ راشد المنصوري چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ان جي ملڪ سرحد پار مالياتي ڏي وٺ لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالوجي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. العربيا ٽي وي موجب راشد المنصوري ابوظهبي ۾ مالياتي ٽيڪنالوجي بابت ڪانفرنس ۾ چيو ته گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب ڊيجيٽل ڪرنسي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اڳڀرائي ۾ ٻنهي ملڪن گڏجي حصو ورتو.