گڊو مان نوجوان ناري جو لاش هٿ، پوليس لاش جي سڃاڻپ لاءِ نادرا بائيوميٽرڪ تصديق ڪرائڻ کان سواءِ لاش دفنائي ڇڏيو

گڊو:- گڊو ٿاڻي جي حد 17 آر ڊي واري علائقي ۾ نوجوان ناري جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو گڊو پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪشمور پهچايو، جتي قانوني ڪارروائي بعد لاش پوليس حوالي ڪيو ويو، ايم ايس تعلقه اسپتال ڪشمور ڊاڪٽر منظور احمد ڪلوڙ ٻڌايو ته ناري جي عمر 20 سال کان گهٽ آهي، تشدد بعد گهٽو ڏيئي قتل ڪيو ويو آهي قتل کي 24 کان وڌيڪ وقت گذريو آهي، هوڏانهن گڊو پوليس ٻڌايو ته  لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ناري ڪپڙن ۽ چهري مان ڪنهن وڏي گهراڻي جي لڳي رهي آهي، اهو پڻ ممڪن آهي ته ناري ڪنهن ٻئي وڏي شهر جي هجي. واضح رهي ته گڊو پوليس لاش جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان بائيوميٽرڪ تصديق ڪرائڻ کان سواءِ لاش کي ظاهر پير قبرستان ۾ امانت طور تي دفن ڪيو ويو آهي