گهوٽڪي ۾ گيس جا ذخيره هٿ، پيداواري سرگرميون شروع

گهوٽڪي: ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽڊ ضلعي گهوٽڪي ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.اقبال ويل ون جي کوٽائي جو عمل 11 جولاءِ تي مڪمل ٿيو جڏهن ته سوئي مين لائم اسٽون فارميشن ۾ 1250 ميٽر جي گهرائي ۾ مليل ڪاميابي بعد کوهه مان پيداوري سرگرميون شروع ٿي ويون آهن.ٽيسٽنگ سوئي اپر لائم اسٽون ۽ غازي فارميشن کان ويل هيڊ فلوٽنگ پريشر(ڊبليو ايڇ پي) 396 پائونڊ في مربع انچ(پي ايس آءِ) ۾ 3.127 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فٽ في ڏينهن (ايم ايف ايس سي ايف ڊي) گيس وسيلي چوڪ سائز 64/40 واٽر جي 79 بيرل في ڏينهن (بي پي ڊي) تي انجام ڏيندي، اقبال ويل ون اها مسلسل ڇهين ڪاميابي آهي.