گهوٽڪي ۾ جرڳائي ڀوتارن اجتماعي زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران معاملو 2 لک رپين ۾ لئه مٽي ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي:= انور آباد پاڙي ۾ جرڳائي ڀوتارن اجتماعي زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران معاملو 2 لک رپين ۾ لئه مٽي ڪري ڇڏيو، عبدالرحمان کوسو اجتماعي زيادتي مامري جو جرڳو ڪري جوابدار ڌُر تي 2 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي، متاثر ناري گذريل ڏينهن لڙڪ لاڙيندي وس وارن کان انصاف جي گهر ڪئي هئي. ناري سميت وارثن جي احتجاج بعد ايس ايس پي به نوٽيس مامري جو نوٽيس وٺي حد جي ايس ايڇ او کي جاچ جو حڪم ڏنو هو.