گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦٽي جي واپارين پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، آبادگار پريشان

گمبٽ :-  گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦٽين جي آبادگارن سان واپارين جو ظلم جاري، ڦٽي جي في مڻ تي 5 کان 7 ڪلو ڪٽوتي، واپارين پنهنجا هٿرادو اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا، آبادگارن جون دانهون

رپورٽ موجب اڳڙا ۽ ڀرپاسي شھرن ۽ ڳوٺن  راضيديرو، مھتاڻه، ڪمال ديرو، بھارو، رپڙي، ستابو، مھرو واھڻ، جادو واھڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ونئڻن جي آبادگارن سان واپارين جو نسرو ناحق، جتي اڳڙا اندر واپارين پاران ڦٽي جا ھٿرادو ريٽ مقرر ڪري غريب آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان واپارين جا ٺٺ لڳا پيا آهن. جڏهن تہ غريب آبادگار فصلن تي ڪيل خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ به لاچار بڻيل آهن.

ان موقعي آبادگار علي نوا ڪلھوڙو، عبدالرحمان، محمد جمن، ياسين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ موجود صورتحال ۾ جتي غريب آبادگارن پاران ماڪڙ، برسات، ٻوڏ مس جان آجي ڪئي آهي تہ مٿان وري سندن سان واپارين جا ظلم  شروع ٿي ويا آهن، جتي ڦٽيء جي سيزن ھجڻ ڪري واپارين پاران ڦٽيء جا ھٿرادو 3600 ريٽ مقرر مٿان في مڻ تي 5 کان 7 ڪلو ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آهن جيڪي سراسر ناانصافي آهي.

ھنن وڌيڪ چيو ته تيل سميت زرعي دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ھجڻ ۽ زرعي دوائن توڙي ٻجن جو معيار سٺو نہ ھجڻ سبب فصل پھريائين تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ برساتن سبب آيل ٻوڏ پڻ تباھي جي ڪناري پھچائي ڇڏيو آهي پر افسوس پوءِ بہ انتظاميا ھتان جي واپارين سان ٻٽ بڻجي ھٿرادو ريٽ سميت ھٿرادو ڪٽوتيون ڪري غريب آبادگارن جو خون چوسي رهي آهي.

ھنن زراعت کاتي جي وزير ۽ ٻئي اعليٰ انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو تہ واپارين پاران جاري ڪيل ھٿرادو ريٽن سميت ناجائز ڪٽوتين جو سختي سان نوٽيس وٺي آبادگارن ۾ پيدا ٿيندڙ بيچيني کي ختم ڪئي وڃي