گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف پيپلز پارٽي جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري

اسڪردو : گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف پيپلز پارٽي جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻي ۾ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود، بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جا چونڊ نتيجا رد ڪندي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، سڌ سماءِ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته بلاول جو جذباتي بيان حقيقت جي ابتڙ آهي، جمهوريت جو ليڪچر ڏيندڙ ووٽ کي عزت ڏين، هاڻ اپوزيشن کي اليڪشن ۾ شڪست تسليم نه ڪرڻ واري روايت ختم ڪرڻي پوندي