گاڏين جي ٽوڪن ٽيڪسز ۾ اضافي ۽ گاڏين تي سيٽ جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد

اسلام آباد :- فيڊرل بورڊ آف روينيو گاڏين جي ٽوڪن ٽيڪسز ۾ اضافي ۽ گاڏين تي سيٽ جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب ايف بي آر کان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گاڏين ۽ رجسٽريشن ٽوڪن ٽيڪسز ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي. گاڏين ۽ رجسٽريشن ٽوڪن ٽيڪسز اهي ئي آهن جيڪي گذريل سال هئا.ان ٽيڪسز ۾ ڪا به ردوبدل ناهي ڪئي وئي. فنانس بل ۾ ٽائپنگ جي غلطي هئي، جنهن کي فنانس ايڪٽ ۾ ٺيڪ ڪيو ويو آهي.ايف بي آر گاڏين تي سيٽ جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري خبر جي به ترديد ڪئي آهي.