ڪڻڪ جو اگهه فڪسڊ ڪرڻ تي پاڪستان فلور ملز تي ساڍا 7 ڪروڙ روپين جو ڏنڊ

ڪراچي :- ڪميشن ڪڻڪ جي قيمتن کي فڪسڊ ڪرڻ تي فلور ملز ايسوسيئيشن تي ساڍا 7 ڪروڙ روپين جو ڏنڊ وڌو ويو، ڪميٽي اٽي جي اگهن جو نوٽيس وٺندي ڪڻڪ مان تيار ٿيل اٽي جي پيداوار کي ڄاڻي واڻي فڪسڊ ڪرڻ تي پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن تي 7 ڪروڙ 50 لک روپيا ڊالر ڏنڊ وڌو. ڪميشن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 38 تحت شهرين کي عام واهپي جي شين کي مناسب اگهه تي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي،  سي سي پي جو چوڻ آهي ته عام واهپي جي شين جا اگهه فڪسڊ ڪرڻ سان ماحول به متاثر ٿيندو آهي.