ڪڪڙ جو گوشت 420 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو،بيضن جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ

ڪراچي :- ڪڪڙ ( مرغي ) جي گوشت ۽ بيِضن ( بيدن/ آنن) ) جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي پولٽري مارڪيٽ ۾ جيئري فارمي ( برائلر) ڪڪڙ 200 مان 221 رپيا ڪلو ٿي وئي، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 420 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو، واضح رهي ته ڪراچي جي ڪمشنر پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه رڳو 214 رپيا ڪلو مقرر ٿيل آهي ، ٻئي طرف ڪڪڙا جا بيضا 190 مان وڌي 230 رپيا في ڊزن ( 20 رپيا في بيضو ) ٿي ويا