ڪي سي آر نه هلي ته وزيراعظم، وڏي وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي سوڌو سڀني کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪنداسين

ڪراچي :- سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪي سي آر 6 مهينن ۾ نه هلي ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير سوڌو سڀني کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪيا ويندا. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي سي آر جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي پيش ٿي چيو ته هن منصوبي تي 2 کان اڍائي سال لڳي ويندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرايون ٿا ته عدالت اچي ٻڌايئن. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت جو نمائندو بيٺو آهي، اهو هڪڙي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ٻي ڳالهه ڪري رهي آهي. توهان جي حڪومت جو اهو حال آهي، اندر وڃي طئه ڇو نٿا ڪريو. چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته 6 مهينن ۾ ڪي سي آر نه هلي ته وزيراعظم، وڏي وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي سوڌو سڀني کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪنداسين. اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڪئي ته چين مان ماڻهو ايندا ۽ اهي ئي ڪي سي آءِ کي هلائيندا. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اسان جي ماڻهن ۾ صلاحيت ناهي، ڇا اسان زمين تي ٽرين نٿا هلائي سگهون، وڏا وڏا انجنيئرز يونيورسٽيز مان نڪرن ٿا، ڇا اُهي ٽرين نٿا هلائي سگهن، پنهنجن ماڻهن کي ٻاهر موڪليو ٿا، پوءِ پنهنجي لاءِ واري ٻاهران ماڻهو گهرايو ٿا. سيڪريٽري ريلوي عدالت ۾ چيو ته اسان وٽ جديد ٽيڪنالوجي نه آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اهو ئي ته ائون چئي رهيو آهيان ته خبر ناهي ٻي ڪهڙي ٽرين هلائي رهيا آهيو.