ڪي اين شاهه مان نوجوان کنڀي گم: امڙ جو پريس ڪلب ۾ احتجاج

خيرپورناٿن شاهه :- خيرپورناٿن شاهه شهباز ڪالوني واسي ٻڍڙي عورت مسمات فضا کوسو پاران نوجوان پٽ ظفر کوسو رات دير سان کنڀي گم ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات فضا کوسو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته رات دير سان پوليس اٽالن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ايس ايڇ او غلام حيدر پنهور جي اڳواڻي ۾ شهباز ڪالوني ۾ واقع اسان جي گهر تي ڪڙو چاڙهي منهنجي نوجوان پٽ ظفر کوسو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو اٿن. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پٽ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق نه آهي. اسين غريب مسڪين ڳوٺاڻا آهيون ڪجهه وقت ٿيو آهي جو ڳوٺ کاٿري مان ٻارڙن جي پڙهائي ڪري شهباز ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي منهنجي ڪمائيندڙ اهو هڪ پٽ آهي.  هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته منهنجي بيگناهه نوجوان پٽ کي آزاد ڪيو