ڪيسٽ واري دنيا جي مشھور شاعر علي محمد اڏيرائي جو لاڏاڻو

ميرپور بٺورور:- ڪيسٽ جي دنيا جو مشھور شاعر علي محمد اڏيرائي فالج جي بيماري سبب سنڌ واسين کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، جنازي ۾ ڪنهن به نالي واري شخصيت شرڪت نه ڪئي سوين سوڳوار اکين سان کيس اباي قبرستان اڏيرو ۾ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي آباد قديمي شھر اڏيرو لال ۾ 1968اسماعيل کٽي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ لاڙ جو ھي لاڏلو شاعر گھوڙاٻاري جي ڳوٺ اسماعيل کثي مان شاعري جي شروعات ڪئي، سندس شاعري سنڌ جي نالي وارن فـنڪارن سرمد سنڌي الھڏنو، جوڻيجو، فوزيا سومرو، عرس چانڊيو، ثمينا ڪنول، سجاد يوسف، الھڏنو خاصخيلي، ثريا سومرو، محبوب خاصخيلي، رضا محمد گونڌر، ضامن علي سميت ڪيترن ئي وڏن توڙي ننڍن فنڪارن ڪلام ڳائي سندس نالو روشن ڪيو اڏيرائي ذات جو کٽي ھو ڱر شاعري پنهنجو تخلص اڏيرائي  رکرايو علي محمد اڏيرائي 2003ع ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ھو جنهن سبب سندس ريڙهه جي ھڏي سخت متثر ٿي پئي ھئي جنهن جو اعلاج مختلف اسپتالن مان پڻ ڪرايو ويو ھو پر ريڙهه جي ھڏي وارو زخم ناسور بڻجي ويو پر علي محمد اڏيرائي غربت ۽ مخلصي سبب وڌيڪ اعلاج ڪرائڻ کان قاصر رھيو مختلف وقتن تي ثقافت کاتي کي اعلاج لاءِ اپيلون ڪندو رهيو پر ثقافت کتي طرفان کيس اھا موٽ نه ملي سگهي جنهن سان سندس زندگي جي ڏيھاڙن ۾ اضافو ٿي سگهي ھا اڏيرائي  ڪافي عرصي کان لااعلاج بڻجي پنهنجي گهر ۾ زندگي ۽ موت سان وڙھندي سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو جيڪو سنڌ واسين کان وڇڙي ويو علي محمد اڏيرائي پونئيرن ۾  2 پٽ احسان ۽ اسد الله چا نياڻيون ھڪ بيواھ سوڳوارڇڏيا آهن ساحلي پٽي لاڙ گھوڙاٻاري جي ھن لاڏلي شاعر کي گھوڙاٻاري  لڳ اڏيري لال جي قديم شھر جي قبرستان ۾ سوين سوڳڳارن جي آلين اکين سان ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ سمھاريو ويو ٻي طرف ٺٽي ضلعي جي فنڪارن محبوب خاصخيلي جان علي شاهه ڀاڏائي عبدالرزاق سمون حسين ڪارو بچايو ملاح پپو ڀٽي منٺار مڱڻھار ۽ ٻين ڪيسٽ جي نالي واري شاعر علي محمد اڏيرائي  جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪندي ثقفت کاتي بي حسي تي سخت احتجاج ڪنڌي چيو آهي ته ثقافت کاتي ٺٽي جي شاعن ء فنڪارن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن جي به وقت تي مالي ساھتا نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب فنڪار ۽ شاعر مفلسي واري زندگي گھارڻ سان گڏ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن ھنن چيو تي اڏيرائي جو اعلاج پرڏيھي  مان ڪرايو ويو جنهن ڪري اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ٻي ھوڏانھن سنڌي ادبي سنگت گھوڙاٻاري جي مجاھد درس ممتاز جاڙو شاعر محبوب درس  بزم ادب جاڙا دالي جي وفا ولي محمد جاڙو غلام مرتضا جاڙو اڏيرائي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي ٽي ڏينھن سوڳ ملھائڻ  جو اعلان ڪيو آهي