ڪير به هِن حڪومت مان خوش ناهي، هاڻي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجِي چڪا آهن:پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ

لاهور/ گجرانوالا : پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي گجرانوالا واري پهرين جلسي ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ڪير به هِن حڪومت مان خوش ناهي، هاڻي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجِي چڪا آهن. جلسي کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو ته عوامي طاقت سان حڪومت جو خاتمو ڪرڻ بعد ئي سُک جو ساهه کڻنداسين. پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، اسان سڀني کي گڏجي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي، پاڪستان کي بچائڻو آهي، عمران کي ڀڄائڻو آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جَي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته موجودا حڪومت ناڪام ٿي چُڪِي آهي، ڇو ته اُن جو بنياد ئي کوکلو هو، حڪومت وٽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو جواب ناهي، حڪومت جواب ڏئي ته هن وقت کنڊ 110 رپيا ۽ اٽو 75 رپيا في ڪلو ڪيئن ٿي ويو؟ گجرانوالا ميدان ماري ورتو آهي، اها جمهوريت ۽ پاڪستان جِي فتح آهي.