ڪيئر فار يو جو ڏھون ڏينهن ۽ عبدالقادر جوڻيجو جو وڇوڙو

ڪالھ سنڌ جي هڪ وڏي ماڻھو، بهترين ليکڪ، ڊرامه نويس ۽ سڀ کان وڏي ڳاله ت يارن جو يار۽ ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ مور ماڻھو عبدالقادر جوڻيجو اسان کان هميشه وڇڙي ويو آھي ،اسين سنڌ ۽ سنڌ جا باذوق اهل دل ۽ اهل ادب ماڻھو پنهنجي وڏي ڀرجهلي کان محروم ٿي ويا آھيون .
عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجي پهرين ۽ ڀرپور تفصيلي ملاقات منهنجي جگري يار سوجهري سنڌي شايد 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪرائي جڏھن مون پنهنجي شاعري جي ان وقت ڇپايل ڪتاب : ڪاري رُڃ – ٿڌا چشما جي مهورت لاء ڪجه وڏن اديبن ۽ شاعرن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ پئي چاهيو . جوڻيجي صاحب جي زنده دلي ۽ اندر جي ڳاله کي بنان ڪنهن خوف ۽ منافقت جي ڦھڪائي ڏيڻ ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي زندگين سان جڙيل خاص طور تي معاشقن جي ڪهاڻين کي پيرائتي نموني پنهنجي مخصوص انداز بيان ۽ مٺ تي سگريٽ پيئڻ جي ادا جو آءُ هميشه لاء عاشق بڻجي ويس ۽ پوء جڏھن مون ميڊيا جوائن ڪيو ت ساڻس ڪجه ٻيون يادگار ڪچهريون ڀي ٿيون جن ۾ سوجهري جو هجڻ ڪچهري کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيندو هو .
منهنجي ڪتاب جي مهورت ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي وڏي شاعر امداد حسيني جي صدارت ۾ ٿي ۽ خاص مهمانن ۾ سائين جلال محمود شاه، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا ۽ ٻيا ڪافي ناليوارا اديب ۽ شاعرن سان گڏ ٻئي جوڙ جا ڀي کوڙ سارا اديب ۽ شاعر موجود هيا . سوجهري ڪوشش ڪري سڀني کي ڳالهائڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ، ظاهر آھي آءُ بنه ئي ننڍڙو شاعر هئڻ سان گڏ شاعرن ۽ اديبن جي مختلف گروپن ۽ ٽولين مان ڪٿان جو ڀي سنديافته ن هوس ۽ سوجهري جي سڀني سان ياري هئڻ ڪري هر گروپ مون کي ٻئي گروپ جو سمجهي اهڙو ت اچي اُخين تي کنيو جو مون سوچيو ت يار مهورت ڪرائي مون ت ڪو گناه ڪبيره ڪري ورتو آھي پر پوء ھن فقير عبدالقادر جوڻيجو جو وارو آيو ۽ ھن هڪ وڏي يورپي تخليقڪار جو ڪوٽيشن ٻڌايو جنهن جو مطلب ڪجه هن ريت هيو ت تنقيد نگار تخليقڪار جون رت پي ۽ ھڏگڏ کائي مچي مڇ ٿيندو آھي ۽ تخليق جي ميدان پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ن ڪندو آھي . منهنجي ڪيترن نظمن جو اپٽار هن ڪجه ان انداز سان ڪيو جو پهريون دفعو مهورت دوران مون پاڻ کي چڱيرڙو شاعر ڀانئيو . هو اسٽيج تي من سان لڳولڳ ويٺل هو ۽ پوري ڪارروائي دوران بيجاء تنقيد ڪندڙن جي باري ۾ مون کي انهن جي شاعري ۽ افعالن جا ڪيس ٻڌائي کل ۾ کيرو ڪندو رهيو . خاص مهمانن مان علي بابا جڏھن مون پاران شاعري ۾ ڌارين ٻولين خاص طور تي اردو ٻولي جي ڪجه لفظن استعمال ڪرڻ تي جارحانه تنقيد ڪئي ت ان جي جواب جوڻيجي صاحب تفصيل سان ڀٽائي شيخ اياز ۽ بخاري وغيره جي شاعري ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال جا حوالا ڏئي مون کي ساه ۾ ساه وڌو ۽ جڏھن تقرير ختم ڪري ڪرسي تي مون سان گڏ اچي ويٺو ت روايتي طور وڏي گار ڏئي مون کي چيائين : جتوئي ! ….. ئي ن هڻين جاهل ڪنهن جاء جا !!!! جنهن آزادي سان لکين ٿو لکندو ره . منهنجي ڪتاب جي ان مهورت جون ڪيتريون دلچسپ ڪهاڻيون آھن . اسين سنڌ جي عظيم گويي استاد سينگار علي سليم کي روهڙي ۽ سڄو سکر ڳولي ڳولي الائي جي ڪيئن ۽ ڪٿان وٺي آياسين ، هر قسم جي نشي ڪرڻ سبب استاد ان وقت ڳائڻ ت پري جي ڳاله آھي صرف ٰ آ ٰ ڪرڻ جي ڀي لائق ن هو ۽ ھن فقير اسان کي سکر ۾ وڏي مشڪل سان ملڻ کان پوء اهو روئي ٻڌايو هو ت هو هاڻي ڳائڻ جي لائق ن رهيو آھي . بهرحال ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال راڳ سنڌ ۽ سونهن جي نوجوان عاشقن سان کچا کچ ڀريل هو . استاد صرف آ پئي ڪئي باقي سڄي هال پئي ڳاتو:
آيا اڱڻ عجيب نصيب ڀلا !!!!
سوجهرو استاد سان گڏ وڃي اسٽيج تي ڳائڻ ويٺو . مون وانگر شوقيه ڳائيندڙ سوجهرو جڏھن استاد کي ڊسرب ڪرڻ لڳو ت هن راڳ روڪي مون کي چيو : هن کي اسٽيج تان لاه مون کي ڊسٽرپ ٿو ڪري پر سوجهرو مستي ۾ مڙي ڇا !!!!
هلندڙ محفل ۾ استاد راڳ روڪي سامهون ويٺل اسان جي يار ۽ مشھور اسٽيج جو بادشاه اسٽيج سيڪريٽري جا اڪثر فرض نڀائيندڙ بخشڻ مهراڻوي کي اشارو ڪري چيائين :´ اڄ اهي چپٽيون ن وڄاء ! اڄ تنهنجي ڪنهن ڪمشنر يا ڊي سي جو فنڪشن ناهي جو مون کي هڪ ڪلام ڳارائي تون چلتو ڪندين . اڄ منهنجي ڀاءُ جو فنڪشن آھي آءُ سڄي رات پنهنجي مرضي سان ڳائيندس .
عبدالقادر جوڻيجو مون سان گڏ ان گويي کي ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ ڏاڍي محبت ادب ۽ احترام مان ٻڌي رهيو هو جيڪو پوري ننڍي کنڊ جو وڏو گويو هو پر زماني جي ڏاڍاين ۽ مجموعي طور تي اسان جي ڪج روين سبب هو هڪ هيروئني جي زندگي گذارڻ تي مجبور هو . مٺ تي سگريٽ جو وڏو ڪش ھڻندي چيائين : جتوئي، استاد جي هي محفل ڪرائي حيدرآباد جي ماڻھن تي وڏو احسان ڪيو اٿئي !!! پروگرام جي روح روان منهنجي جگري يارن علي شير جتوئي ۽ الف خان جتوئي جي روڪڻ جي باوجود اعجاز ڪاڪا ممتاز مرزا هال جي پٺيان ڪچن کي روح افزا جي بوتلن سان ڀري ڇڏيو هو ۽ ھال مان هرڪو وڃي موج مستي جي سامان مان سير ڪري ٿي آيو . وڏن وڏن شاعرن ۽ ڳائڻن روح افزا سان ڇا ڪيو ۽ موٽ ۾ روح افزا انهن سان ڇا ڪيو، اهو احوال ڪنهن ٻئي دفعي !!!!
جوڻيجو صاحب ۽ اسان جي ٻئي يار ذوالفقار ميراڻي جيڪو حيدرآباد ايئر پورٽ تي انهن ڏينهن ۾ آفيسر هو جي پرزور حڪم تي ٻئي ڏينهن تي سينگار سليم جي محفل حيدرآباد ايئرپورٽ جي آڊيٽوريم ۾ سجائيسين . ان ڏينهن استاد ڪجه بهتر ڳايو پر بدقسمتي سان وعدي جي ابتڙ جوڻيجو صاحب ان محفل ۾ شريڪ ٿي ن سگهيو .
انهن دل لڀائيندڙ ملاقاتن کان پوء مون جڏھن ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي ۽ ٻيا ٽي وي چينل جوائن ڪيا ت خاص طور تي ماهين هيسباڻي جي ادبي پروگرامن لاء مون جڏھن ب شاعرن ۽ اديبن جا انٽرويو ڪيا ت جوڻيجو صاحب جي انٽرويو سان ڪرڻ سان گڏ ھڪ ڊگهي سانجهي جي صحبت جو ڀرپور مزو پيو وٺندو هوس .
عبدالقادر جوڻيجو اڄ جسماني طرح اسان سان گڏ ن آھي، ۽ سندس علمي تخليقي ۽ فڪري پورهيو سنڌ ۾ ھميشه ساراهيو ويندو پر منهنجي لاء جيڪا سڀ کان وڏي نقصان واري ڳاله آھي ت سنڌ ۽ اسين ھڪ دل جي ڌڻي محرم يار کان محروم ٿي وياسين .

هن ڏکاري گهڙي ۾ منهنجي هڪ ٻئي محبوب دوست منير نائچ ۽ فياض نائچ جو والد صاحب چاچا محمد ابراهيم پڻ ھن لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ اسان سڀني کي اڪيلو ڇڏي ابد جي رستي تي نڪري ويو آھي . اسان کي هي غم پڻ وسارڻ ۾ وقت لڳندو . منير نائچ منهنجو اهڙو دوست آھي جو اسان پاڻ ۾ ٺھيل هجون يا وڙھيل هجون پر اسان جي يارن جي ويجهي حلقي ۾ جي ڪنهن کان اهو پڇيو وڃي ت حبيب جتوئي جو سڀ کان ويجهو دوست ڪير آھي يا اگر ڪٿي مون کي ان سوال جو جواب ڏيڻ لازمي ٿي پوي ت منهنجو سڀ کان ويجهو ۽ نمبر ون تي ڪهڙو دوست آھي ت آءُ سوچي سوچي منير نائچ جو نالو کڻندس . منير نائچ ۽ فياض جي بابا سائين جي وڇوڙي تي آءُ شديد ڏک محسوس ڪريان ٿو ۽ پاڻ کي پنهنجي ڀائرن جي غم ۾ برابر شريڪ سمجهان ٿو . آءُ لاڪ ڊائون سبب ٻنهي پنهنجن پيارن جي تڏي تي وڃڻ کان قاصر رهيو آھيان پر پنهنجي پيارن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آھيان .

محترم عبدالقادر جوڻيجو سان نڪتل منهنجون تصويرون توڙي ڪتاب جي مهورت جون تصويرون زماني جي دربدري ۾ ھڪ گهر کان ٻئي ڪٿي رکيل آھن پر هن وقت هٿ ٿي ن سگهيون ۽ مجيب جي رکيل هڪ پراڻي پوسٽ مان ٻن تصويرن کي دوستن سان شيئر ڪري سگهيو آھيان .