ڪوٽ غلام محمد ۾ بيروزگاريءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

ڪوٽ غلام محمد :- ڪورونا جي وبا سبب مڙهيل لاڪ ڊائون ڪري سنڌ سميت تاريخي شهر ڪوٽ غلام محمد ۾ ننڍا وڏا ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويا آهن ڪجهھ ڏينهن کان شهر جون مارڪيٽون بعد ڪر کنيل مهانگائي سبب ڪپڙي، چوڙين ، جنرل اسٽور جتين جي دڪاندارن درزين سميت عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ ايندڙ خريدار سخت پريشان نظر اچي رهيا آهن. عيد جي موقعي تي بازارن ۾ رش ته وڏي لڳل آهي پر مهانگائي ۾ ٽيڻو اضافو اچڻ ڪري شين جي خريداري تمام گهٽ ٿي رهي آهي دڪاندارن ۽ درزين جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون ۾ مسلسل 2 مهينا ڪاروبار بند رهيو ۽ ٽرانسپورٽ اڃان تائين بند آهي جنهن ڪري مٿان کان ڳري اگهھ تي شيون ملي رهيون آهن ڪپڙي لٽي جتين جا اگھه وڌي وڃڻ ڪري خريداري تمام گهٽ ٿي رهي آهي. گراهڪن جو چوڻ هوته لاڪ ڊائون ڪري سنڌ سميت ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي پورهيت ننڍا دڪاندار ٽرانسپورٽر ڊرائيور ڪلينر ڪنڊيڪٽر سميت هر ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن ايترا ڏوڪڙ ئي نه آهن جو عيد جي خريداري ڪريون اسان لاءِ ته پيٽ پالڻ جي لاءِ راشن خريد ڪرڻ به وڏو مشڪل بڻجي ويو آهي.