ڪوٽڙي لڳ نوجوان جهانگير پنهور کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف:عورت سوڌو 3 جوابدار گرفتار

حيدرآباد :- ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني جي رهواسي نوجوان جهانگير پنهور کي غيرت جي معاملي تي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، پوليس هڪ عورت، سندس مڙس ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته 27هين جنوري تي ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني مان پراسرار طور گم ٿيل نوجوان جهانگير کي غيرت جي معاملي تي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش حيدرآباد جي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو. سندس قتل جو ڪيس هن جي والد نظير احمد جي فرياد تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڄاڻائي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. پوليس ابتدائي طور مقتول جي پاڙيسري محمد صديق ڪورائي کي گرفتار ڪري کانئس جهانگير پنهور جي قتل جي حوالي سان معلومات ورتي. پوليس موجب گرفتار ڪيل محمد صديق ڪورائي ٻڌايو ته مقتول جهانگير جا سندس ڀيڻ رابعه سان ناجائز تعلقات هئا جنهن جي خبر هن جي مڙس معاذمير نوناري کي پئي ته هن پنهنجي زال تي سختي ڪئي. مڙس جي چوڻ تي رابعه جهانگير کي پاڻ وٽ گهرايو جتي کيس ٻنهي ڄڻن گڏجي تيز اوزار جي مدد سان تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جهانگير کي قتل ڪرڻ بعد هن جو لاش پيتي ۾ وجهي ان کي تالو لڳائي هڪ سوزوڪي مهراڻ ڪار ۾ وجهي نيشنل هاءِ وي ڀرسان ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪيو ويو. پوليس قتل جي ڏوهه ۾ معاذ مير نوناري ۽ سندس زال رابعه کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته عورت جو ڀاءُ محمد صديق ڪورائي اڳ ۾ ئي پوليس جي تحويل ۾ آهي.