ڪورونا ۽ ڪنسپائيريسي (سازشي) ٿيوري: ڪامريڊ بخشل ٿلهو

(سياست ۽ سازشي ٿيورين جو رشتو اوائلي رياستن جي جوڙجڪ جيترو پُراڻو آهي. ان حوالي سان سرمايي، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ سياسي قوت تي هڪ هٽي سببان ، هاڻوڪي دور جي رياستن جي سگهه تهان وڌيل آهي. پر جيئن ته طاقت جو مرڪز هاڻ ڪو هڪ ملڪ يا خطو نه آهي تنهنڪري هر ڏاڍي رياست پنهنجي پنهنجي مفادن پٽاندڙ سازشي نظرين کي کڻي ۽ رکي ٿي. ڪورونا جي پيدائش ۽ پکيڙ جي سوال کي ڏسجي ته چين ۽ آمريڪا ڪڏهن دٻيل ته ڪڏهن قدري کُليل لفظن ۾ هڪ ٻئي کي ڏوهاري قرار ڏيندا اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ هن عالمي وبا جي دور ۾ دنيا کي هلائيندڙ طاقتون ۽ لبرل قيادتون، پنهنجي مُلڪ اندر ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ جيترو کُٽن ٿيون، ٻي پاسي هڪ ٻي کي اگهاڙو ڪرڻ ۾ اُهي اوترو وڌن ٿيون. ان وٺ وٺان ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جهڙا ادارا پڻ الزامن کان پاڻ بچائي نه سگهيا ۽ هاڻ ته کين پنجين حصي طور ملندڙ آمريڪي فنڊ به خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڪير صحيح آهي ڪير غلط ، ڪهڙي ٿيوري بي بنياد ۽ ڪهڙي سچ کي گهڻو ويجهو آهي؟ جهڙا سوال عوامي قوتون اڳي پوءِ ضرور جوابينديون پر هن وقت سازشي ٿيورين کي وٺي ڪري عالمي طاقتن منجهه ٿئي ڇا پيو ؟سو هيٺين اخباري مضمون منجهان ڪنهن قدر واضح ٿئي ٿو، ڀلي پوءِ اها لِکت هڪ پاسائين ۽ غير نظرياتي ڇو نه هُجي. درحقيقت هيٺ ڏنل مواد آر ٽي نيوز تي ڪلهه ڇپيل هڪ ٻي انگريزي مضمون “جيئن جيئن ٽرمپ انتظاميه ڪووڊ 19 جي چيني ليب منجهان پيدائش واري سازشي ٿيوري ۾ ساهه وجهي رهي آهي، تيئن تيئن عراقي موتمار هٿيارن (WMD)جي ڪهاڻي به ياد ڪرڻ گهرجي” جو ترجمو آهي. ڌڻي پاڻ هڪ آمريڪي انٽيليجنس اداري لاءِ ڪم جو تجربو رکي ٿو ۽ 1991 کان 1998 تائين گڏيل قومن جي اداري طرفان هٿيارن جي انسپيڪٽر طور ڪم ڪندو رهيو آهي. مترجم)
ڪووڊ 19 جي چيني ريسرچ ليبارٽرين سان رشتي( لنڪ) واري نظرئي کي کُلي عام پنهنجو ڪندي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ان جي انتظاميا، ڏائڻ جي شڪار جي نئين سياسي راند ۾ ، چين کي ڏائڻ قرار ڏيڻ تي زور وڌائي رهيا آهن. آمريڪا جڏهن ڪورونا وبا جي سطح ۽ انهن اثرن کي منهن ڏئي رهيو هو، جيڪي سندس قومي معيشيت ۽ آبادي (اپريل 17 تائين 34 هزار 7 سو 84 ماڻهن جي موت ساڻ 6 لک 67 هزار، 676 رجسٽرڊ ڪيس) جي وڏي نقصان جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا هيا، تڏهن اهو صرف مناسب وقت جو سوال هو جو سياستدان ان سڄي مامري (يا الزام) کي ڪنهن ٻي جي مٿي مڙهين. ڪورونا وائرس جي خطري ڏانهن ٿڌي رويي ۽ غفلت سببان، تازو آمريڪي صدر سخت محاسبي (۽ پُڇا ڳُڇا) جو مرڪز تڏهن بڻيل آهي، جڏهن کوڙ سارا نقاد سندس انتظاميه جي سڄي فيبروري مهيني ۾ مڪمل خاموشيءَ مٿان تنقيدي ٿي رهيا آهن، جنهن سبب وائرس سان بهتر نموني منهن مقابل ٿيڻ جو اهم وقت (۽ موقعو) وڃائجي ويو.
(سازشي ٿيورين کي) رد نه ڪرڻ جو مقصد:
مٿين الزامن کي منهن ڏيڻ بدران، آمريڪي صدر ۽ سندس قومي سلامتي واري ٽيم، پنهنجي ڪُلهي تان سڄو وزن لاهي چين ڪُلهي رکڻ گهري ٿي ۽ ايئن ڪندي اُهي اُنهن بي بنياد سازشي ٿيورن ۾ ساهه وجهن ٿا، جن مطابق ڪورونا وائرس ووهان شهر جي هڪ حياتياتي ريسرچ ليبارٽري منجهان ڦهلجندي، شهر کي عالمي وبا جو مرڪز بڻايو. ووهان ليب منجهان وائرس جي نڪرڻ وارين رپورٽن بابت جڏهن صدر ٽرمپ کان پُڇيو ويو ته هُن محتاط ٿيندي چيو ته “ اسان ان ڪهاڻي کي هاڻ گهڻو ٻُڌي رهيا آهيون سو اسان ڏسنداسين. “هِن خطرناڪ صورتحال کي هر پاسي کان جانچي رهيا آهيون ”. کائنس ڪورونا وبا جي ڦهلاوءَ ۾ ووهان ليباريٽري جي ڪردار مطلق، چيني صدر زي جن پِنگ سان ڳالهه ٻولهه بابت پِڻ پُڇيو ويو، جنهن جي جواب ۾ هُن چيو ته “ مان ليبارٽري بابت جيڪو ڪجهه به هُن سان ڳالهايو آهي، تنهن جو ذڪر نه ٿو ڪرڻ گهران.” “هاڻوڪي حالتن ۾ اِهو نامناسب آهي”.
متحده رياستن (آمريڪا) جي صدر کي هڪ اهم مرتبو (ممبر يا مسند) مليل آهي. هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته دنيا ٻُڌي ٿي. معاشي ۽ عسڪري طور دنيا جي سڀ کان طاقتور قوم جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٽرمپ جي لفظن جي هڪ لڪل (مخفي) ساک آهي، سو جڏهن هو ڪا فتوي ڏي ٿو ته ان کي درگذر نه ٿو ڪري سگهجي. صدر جي ڪابينا جا ميمبر تمام گهڻي تيزي سان ٽرمپ جي ووهان ليبارٽري بابت “خدشن” کي هوا ڏين ٿا ۽ ايئن هڪ ٺلهي ڳالهه منجهان ممڻ مچائين ٿا. جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي چيئر مين جنرل مارڪ مِلي رپورٽرن سان ڳالهائيندي چيو ته “ ان ليب ذرڙي منجهه….توهان کي حيرت نه ٿيندي ته اسان تمام گهڻو ڌيان ڌري رهيا آهيون. پاڻ وٽ ميسر تمام گهڻي انٽيليجنس ذريعي اسان ان مامري تي ڳوڙهي نظر وجهي رهيا آهيون.” جنرل مِلي جي اهڙن خدشن کي رياستي سيڪريٽري مائيڪ پومپي ويتر اهو چئي وڌايو ته “ (اسانکي) خبر آهي وٽن اهڙي ليب آهي”. ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن چيو ته “اسانکي ڄاڻون ٿا ته اِهو وائرس وهان منجهان نڪتو آهي سو اُهي سڀ شيون هاڻ هڪ ٿين پيون. اسان اڃا به کوڙ سارين شين بابت باخبر ناهيون ۽ صدر اڄ انهيءَ بابت ڳالهايو پئي. اسان لاءِ انهن جوابن کي ڄاڻڻ ضروري آهي. اها حقيقت ته اسان نه ٿا ڄاڻون..(جو مطلب اِهو آهي ته) چين اسان سان جواب نه ونڊيا آهن. مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه ئي گهڻو ڪُجهه سمجهائي ٿي.” جنرل مِلي ۽ سيڪريٽري پومپي جي بيانن سبب هر اُهو ماڻهو سڪتي ۾ اچڻ گهرجي، جيڪو چڱي ريت اُن تاريخ کي ڄاڻي ٿو ته ڇا ٿيندو آهي جڏهن آمريڪي انٽيليجنس موتمار هٿيارن (WMD) جي بي بنياد ٿيوري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي آهي. (هاڻوڪي مامري ۾ ٽرمپ طرفان چين مٿان ڪورونا کي هٿيار بڻائڻ وارن اڻ سڌن الزامن ۾ وائرس ساڳي ڪيٽيگوري ۾ اچي ٿو) عراق خلاف ڪولن پاول جي ڪوڙي ڪيس جيان، صدر ٽرمپ ۽ ان جي ڪابينا طرفان هُلايل سازشي ڪهاڻي، نوڙيءَ منجهان نانگ ٺاهڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه. سوال هيٺ ووهان ليباريٽري ۽ ڪورونا وائرس منجهه ڪو به حقيقي لاڳاپو ڪونهي.
اندازي لاءِ مناسب سچ جو هئڻ:
ٽرمپ ۽ ان جي ڪابينا طرفان هُلايل سازشي نظريي جا ڪجهه حقيقي بنياد به آهن جن کي وڌائي چڙهائي، ڪهاڻيءَ کي هر ان ماڻهو لاءِ قابِل قبول بڻايو وڃي ٿو، جيڪو (ڪُلي) حقيقت کان اڻڄاڻ آهي. دراصل ووهان ۾ ٻه ليبارٽريون آهن. هڪ آهي ووهان سينٽر فار ڊِزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن، جنهن جو ڪنهن به ريسرچ سرگرمي ۽ ڪورونا وائرس سان ڪو تعلق ڪونهي. ها باقي ان ليب ڪورونا جي شرعاتي پکيڙ جي جانچ جي سرواڻي ضرور ڪئي هُئي. ٻي آهي اسٽيٽ ڪِي ليبارٽري آف وائرولاجي. (جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي پڻ چيو ويندو آهي.) اها بايو سيفٽي ليول چار(BSL-4) ليبارٽري آهي، جنهن کي دنيا جي خطرناڪ جيوڙن کي سنڀالڻ جي سند مليل آهي ۽ اها ووهان شهر جي مرڪز کان لڳ ڀڳ اٺ ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. درحقيقت ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي (ليبارٽري) چين اندر چمڙن ۽ ڪورونا وائرس جي لاڳاپي کي سمجهڻ ۾ ملوث رهي آهي ۽ ان مارچ 2019 ۾ ماهرن جي راءِ سان هڪ پيپر پڻ ڇاپيو هيو ته اهو لاڳاپو مستقبل ۾ ڪنهن وبا جي پيدائش جو بنياد ٿي سگهي ٿو. ان پيپر ۾ لکيل هو ته “گهڻو تڻو اهو ئي اسانجو مستقبل آهي….ڪورونا وائرس جي وبا چمڙن منجهان ڦهيلبي ۽ گهڻا امڪان اِهي آهن ته اهو چين ۾ ٿيندو.” “تنهنڪري چمڙن ۾ ڪورونا وائرس جي جانچ، خطري جي پهرياتي گهنٽي واسطي هڪ اُڀري آيل مامرو آهي. جنهن سان چين اندر مستقبل ۾ اهڙين وبائن جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ” (تازو ڪيمبرج جي هڪ هلندڙ تحقيق مطابق ڪورونا وائرس سڀ کان پهرين خوار ٿيل ووهان ۾ نه پر ان کان ڪجهه مهينا اڳ چين جي اتريئن علائقي ۾ انسانن کي لڳو. جي اها ڳالهه دُرست آهي ته پوءِ چمڙي يا ٻي جانور واري ڳالهه مُنڍون بدلجي ويندي. مترجم)
اهو جيترو آهي سو گنج آهي. پر جنوري 2018ع ۾ ووهان انسٽيٽيوت آف وائرولاجي ۾ آمريڪي ايمبسي جي ماڻهن جي چڪر هڻڻ کانپوءِ آمريڪين جا خدشا وڌي ويا ته بايو سيفٽي ليول چار (جيڪو خطرناڪ حياتياتي مهاڏن کي منهن ڏيڻ جي لائق هجي) واري سطح جي گهرجن مطابق اداري وٽ تربيت يافته ماهرن جي کوٽ آهي. آمريڪي ايمبسي پنهنجي اهڙن خدشن کي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ سان ليبارٽري پاران عرض ڪندي ونڊيو به. ته جيئن گهربل ماهرن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٿيندڙ آمريڪي سهڪار ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهي. (پر اهو عرض به ڪونه اگهاميو).
ڇڪتاڻ ۾ تيزي:
اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جون اهي ڪيبلز (رابطا) چين خلاف آمريڪي ايف آئي آر جو روح آهن. ٻين لفظن ۾ چمڙي اندر ڪورونا وائرس ۽ انسانن جي لاڳاپي بابت عالم آشڪار تحقيق ڪندڙ ليب (بي ايس ايل چار) جي گهرجن پٽاندڙ ، چين واڌو ماهرن جي جيڪا گذارش آمريڪا کي ڪئي هُئي، تنهن کي سازشي نظريي ۾ بدلايو ويو ۽ ان کي چيني بدنيتي ۽ راضداريءَ جو تڙڪو پڻ ڏنو ويو.
کوڙ سارن حوالن سان ووهان ليبارٽري ۾ آمريڪي جانچ برطانوي مزاحيه فلم (‘Monty Python and the Holy Grail) منجهه ڏائڻ جي جڳ مشهور شڪار سان ملندڙ جُلندڙ آهي. ڏائڻ سڙندي آهي تنهن ڪري اُها ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي. ڪاٺ بدڪ جيان ترندو آهي. حاصل مطلب: بدڪ ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي. اهڙي قسم جي جاهلاڻي جانچ پڙتال، ماهر ايٽيليجنس ادارن جي دائري کان (ظاهر آهي ) ته ٻاهر ئي هوندي. جڏهن ته انٽيليجنس کي اقتدار ڌڻين جي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي چڱي ڀلي تاريخ آمريڪا وٽ (اڳ کان) سانڍيل آهي. ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي جي حوالي سان جيڪا کِچڻي اڄ پچي پئي سا پُراڻي ڏائڻ جي شڪار واري ڪهاڻيءَ جو ورجاءُ آهي. مٿي ذڪر ڪيل برطانوي فلم ۽ چين ۾ آمريڪا جي جانچ پڙتال ۾ ٿورو ئي فرق آهي. ٻنهي جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ آهي ته بدڪ ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي. ٻئي کِل جوڳا نقل آهن. جڏهن ته فلم جي ڪهاڻيءَ جو مقصد مزو آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٽرمپ جي ڏائڻ شڪار ڪرڻ واري شوق جا مستقبل جي آمريڪي چيني رشتي تي اُگرا اثر پئجي سگهن ٿا. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪورونا وبا جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هڪ ٻي جي ويجهي اچڻ جي ضرورت آهي، اُتي ٽرمپ جو سياسي ٿِيڙ دنيا کي گهربل آخري شئي آهي.