ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سلواڪين صدر جي منفرد انداز ڏسندڙن کي موهي وڌو

رتلسلاوا : يورپي ملڪ سلواڪيا جي عورت صدر جي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ منفرد انداز سڀني کي موهي وڌو.سلواڪيا ۾ ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود جزوي لاڪ ڊائون آهي ۽ اهڙي حالتن ۾ اتي نئين حڪومت پڻ جوڙي وئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب نئين حڪومت جي حلف برداري واري تقريب انتهائي سادا طريقي سان منعقد ڪئي وئي ۽ رڳو ڪابينا ميمبرن ۽ وزيراعظم سميت رڳو ڪجهه مهمانن کي شرڪت جي اجازت هئي.ڄاڻايل تقريب کي سلواڪيا جي سياسي ۽ حڪومتي تاريخ جي منفرد تقريب قرار ڏيڻ سان گڏ تقريب ۾ منفرد انداز ۾ شرڪت ڪندڙ سلواڪيا جي عورت صدر جي فيشن جون به تعريفون ڪيون پيون وڃن.سلواڪيا جي صدر زوزاني ڪيپتوا تقريب ۾ واڱڻائي رنگ جو لباس پاتو، جنهن سبب هوءَ ڏسندڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي جڏهن ته سندس ڪپڙن کان ميچ ماسڪ به ڏسندڙن کي وهي وڌو.سادي تقريب ۾ زوازاني جي سادا لباس ۽ انداز جا سموري دنيا ۾ چرچا ڪيا ويا جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدارن پڻ سلواڪيا جي عورت صدر جي انداز کي ساراهيو