ڪورونا وائرس ڪنهن کي به ناهي ڇڏيندو، سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو : عمران خان

لاهور :- وزيراعظم عمران خان ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڪنهن کي به ناهي ڇڏيندو، سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو، لاهور ۾ ڪورونا رليف فنڊ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪورونا ڪنهن کي نه ڇڏيندو، ماڻهو چريائپ ڪري پنهنجو پاڻ کي ڏچي ۾ نه وجهن، ان غلط فهمي ۾ نه رهو ته ڪورونا سان پاڪستانين کي ڪجهه نه ٿيندو، هن چيو ته سمورن ڊونرز جو ٿورائتو آهيان، جن وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ۾ عطيو ڏنو، ڏکئي وقت ۾ ئي انسان جي ايمان جي خبر پوندي آهي، جڏهن ڪاروباري شخصيت نقصان جي دور ۾ فراڊ ڪندو آهي ته اُهو تباهه ٿي ويندو آهي، انسان جي سڀ کان وڏي خاصيت ڏکئي وقت ۾ صبر ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ 5 کان 6 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ آهن، آئون ڪورنا وبا کي وڏو چئلينج سمجهان ٿو، بدقسمتي سان اسلام کي ووٽ وٺڻ ۽ ٻين سبب جي ڪري استعمال ڪيو ويو، قوم هن چئلينج مان نڪرندي ته بلڪل مختلف قوم هوندي.