ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي عالمي صحت جي عالمي اداري سختي سان 20 سيڪنڊن تائين هٿ ڌوئڻ جي تاڪيد

لنڊن: –  ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي عالمي صحت جي عالمي اداري سختي سان 20 سيڪنڊن تائين هٿ ڌوئڻ جي تاڪيد ڪئي آهي جنهن ۾ هاڻ ايپل واچ به مددگار ثابت ٿيندي.مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل گذريل ڏينهن ورلڊ وائڊ ڊويلپرز ڪانفرنس ۾ ايپ واچ آپريٽنگ سسٽم(او ايس) 7 متعارف ڪرائي جنهن ۾ پهرين جي مقابلي ۾ ڪجهه نوان فيچرز شامل ڪيا ويا.ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ميش ايبل جي رپورٽ موجب ايپل واچ او ايس 7 جي نون فيچرز ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب هڪ آٽوميٽڪ هينڊ واشنگ ڊينيڪشن فيچر شامل ڪيو ويو آهي جيڪو 20 سيڪنڊن تائين هٿ ڌوئڻ کي يقيني بنائيندو. يعني جڏهن به صارف هٿ ڌوئيندو ته ايپل واچ ۾ مذڪوره فيچر جي مدد سان 20 سيڪنڊ جو دورانيو شروع ٿي ويندو. ۽ 20 سيڪنڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي هي نشاندهي ڪندي ته هٿ ڌوئڻ جو ٽائيم پورو ٿي چڪو آهي.ان فيچر جي حوالي سان ايپل ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان جي مدد سان ماڻهن کي هٿ ڌوئڻ جو خيال رهندو جنهن سبب ان جي صحت  جي حفاظت ٿيندي. هي فيچر ايپل هيلٿ ايپ ۾ هٿ ڌوئڻ جو رڪارڊ به برقرار رکندي جنهن ۾ فيڪوئنسي ۽ ڊيوريشن واضح هوندو.ان کان علاوه ايپل واچ او ايس 7 ۾ سليپنگ ٽريڪ ۽ ورڪ آئوٽ جي لاءِ ڊانسنگ فيچر به شامل ڪيو ويو آهي.