ڪورونا وائرس وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2615 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:- ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، وڌيڪ 44 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 26 سئو 15 نوان مريض ظاهر ٿيا آهن، ملڪ ۾ وائرس سبب فوتين جو انگ 12سئو 83 ۽ متاثر 62 هزار 689 ٿي ويا آهن. خميس ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 26 سئو 15 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 44 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 11 سئو ٽن ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي. صوبي ۾ وائرس متاثرن جو انگ 25 هزار 309 ۽ فوتي 396 ٿي ويا آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1924 مريض صحت ماڻي ويا، جنهن بعد وائرس جي شڪست  ڏيندڙن جو انگ 11 هزار 190 ٿي ويو. پنجاب ۾ وائرس جا وڌيڪ 919 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 19 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن جي پي ڊي ايم طرفان تصديق ڪئي وئي. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب صوبي ۾ متاثر مريضن جو انگ 22 هزار 37 ٿي ويو، جڏهن ته فوتين جو انگ 381 ٿي ويو آهي، صوبي ۾ وائرس کي شڪست ڏئي صحت ماڻيندڙ 6 هزار 326 آهن. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 80 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد متاثر مريضن جو انگ 36 سئو 16 ٿي ويو، جڏهن ته 41 فوت ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ وڌيڪ 136 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد متاثرن جو انگ 2 هزار 15 ٿي ويو، گادي وار شهر ۾ 19 مريض فوت ۽ 152 صحتياب ٿي چڪا آحن. ڪي پي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ ست ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 432 ٿي ويو، 359 نوان مريض ظاهر ٿيڻ بعد متاثر مريضن جوانگ 8 هزار 842 ٿي ويو، جن مان 26 سئو 93 صحتياب ٿي چڪا آهن. آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 5 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته هڪ ڄڻو وائرس سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو، جنهن بعد علائقي ۾ متاثرن  جو انگ 219 ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ تيرهن ڄڻن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد متاثر مريضن جو انگ 651 ٿي ويو، علائقي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 463 صحتياب ٿي چڪا آهن