ڪورونا وائرس وبا سبب پاڪستان ۾ جماعت سان نماز ۽ جمعي نماز کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اسلام آباد :- ڪورونا وائرس وبا سبب پاڪستان ۾ جماعت سان نماز ۽ جمعي نماز کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ جي سلسلي ۾ باجماعت ۽ جمعي نماز کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ مسجدن کي ته نٿو بند ڪري سگهجي پر جماعت سان نماز ۽ جمعي نماز ۾ هاڻي نابالغ ۽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر واري ماڻهن جي شرڪت جي اجازت نه هوندي.