ڪورونا وائرس ساهه وسيلي پکڙجندڙ نئين بيماري آهي ان جو في الحال دنيا ۾ ڪو علاج نه آهي پر صفائي ۽ احتياطي تدبيرن سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو: صحت جا ماهر

ڪراچي : صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس ساهه وسيلي پکڙجندڙ نئين بيماري آهي ان جو في الحال دنيا ۾ ڪو علاج نه آهي 98 سيڪڙو ماڻهن ۾ ان جو وائرس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي پر صفائي ۽ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو.اها ڳالهه بريٽ هوڊسن يونيورسٽي ۾ وائيرالاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر سعيد خان ڪورونا وائرس بابت آگاهي ڏيڻ جي ڏس ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي چئي آهي. ڊاڪٽر سعيد خان چيو ته ڪورونا وائرس جي علامتن ۾ اي ٽائپ نمونيا،بخار ۽ فلو شامل آهن. عام طور تي  نمونيا جي دوائن سان ان جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ان  جو في الحال دنيا ۾ ڪو علاج نه آهي فقط علامتي علاج ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته پالتو جانورن کي هٿ لڳائڻ کانپوءِ هٿ نه ڌوئڻ وڏي غلطي آهي ،20 سيڪنڊن تائين هٿ صحيح نموني ڌوئڻ گهرجن ۽ سينيٽائزز جو استعمال ڪيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڊپ گهڻو آهي. پروفيسر سعيد خان ٻڌايو ته ڪراچي جي 4 هنڌن تي آئيسوليشن وارڊ ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ٽيسٽ ڪٽس ايندڙ هفتي پاڪستان پهچي ويندا.