ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اذلان شاهه ٽورنامينٽ ملتوي

لاهور:- پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اذلان شاهه ٽورنامينٽ ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پي ايڇ ايف 5 مارچ کان شروع ٿيندڙ ڪيمپ جي ٻئين مرحلي جي لاءِ رانديگرن جو اعلان ڪرڻو هو. پر هيڊ ڪوچ خواجه جنيد چيو آهي ته ايونٽ ملتوي ٿيڻ جي اطلاع ڏني وئي آهي ان ڪري اڄ جن رانديگرن جو اعلان ڪرڻو هو اهو هاڻ نه پيو ڪيو وڃي.ان حوالي سان هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٻيو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ 11 اپريل کان 18 اپريل تائين ملائيشيا جي شهر ايپو ۾ کيڏڻو هو.. هن ايونٽ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي به شرڪت ڪرڻي هئي.منتظمين رانديگرن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي هن ٽورنامنٽ کي في الحال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي هاڻ اهو ايونٽ 24 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.