ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان، ڪورونا جي روڪٿام لاءِ تياري مڪمل آهي ، هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس سامهون آيا آهن:ڊاڪٽر ظفر مرزا

ڪوئيٽا : ڪورونا وائرس جي خدشي سبب بلوچستان صوبي جا سمورا تعليمي ادارا ۽ مدرسا بند رکڻ جو فيصلو. صحت بابت وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ تياري مڪمل آهي، پريشان ٿيڻ بدران احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بلوچستان سرڪار پڌرنامو جاري ڪندي صوبي جا سمورا تعليمي ادارا ۽ مدرسا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مارچ کلندڙ تعليمي ادارا به 15 مارچ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ادارا بند رکڻ وارو قدم ڪورونا وائرس کان بچاءُ ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ کنيو ويو آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ هڪ ڪراچي ۽ ٻيو وفاقي علائقي ۾ سامهون آيو آهي، ٻنهي مريضن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. هن چيو ته 100 کان وڌيڪ شڪي مريضن جي چڪاس ڪري چڪا آهيون، اهي سڀ ڪليئر آهن، پريشان ٿيڻ نه گهرجي، ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته جيڪڏهن ڪير چين يا ايران مان آيو آهي ۽ ڪورونا وائرس جي نشاني ظاهر ٿيڻ بعد فوري طور چڪاس ڪرائي، ڪورونا جي نشاني ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ هيلپ لائين 1166 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته هڪ مهيني ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، اميد آهي ته ڪورونا جو مسئلو گهڻو نه هوندو. هن چيو ته اسان اڄ تفتان وڃي رهيا آهيون، هڪ هڪ شئي تي حڪومت جي نظر آهي. موجوده صورتحال ۾ احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ اسان جي مڪمل تياري آهي . ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار اڄ سميت ٻن ڏينهن لاءِ سموري سنڌ جا تعليمي ادارا بند رکڻ بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ٽوئيٽ ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اڄ خميس 27 فيبروري ۽ سڀاڻي 28 فيبروري تي صوبي جا سمورا نجي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا بند رهندا. واضح رهي ته ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد بلوچستان کانپوءِ سنڌ سرڪار به تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعيد غني چيو ته ڪورونا وائرس سبب ٻارن جا والدين پريشان آهن، جنهن سبب تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.