ڪورونا وائرس جو پهريون اطلاع ڏيندڙ ڊاڪٽر لي وينليانگ جو قصو :: پروفيسر مختيار سمون

چين جي ووهان سينٽرل هاسپيٽل ۾ اکين جي بيماري جي ماهرنوجوان ڊاڪٽر لي وينليانگ پهريون دفعو ۽ چند ڏينهن جي عرصي اندر جڏهن پنهنجن ڪجهه مريضن ۾ کنگهه، زڪام، بخار ۽ ساهه منجهڻ جهڙيون هڪجهڙيون علامتون به محسوس ڪيون ته هن کي ڏاڍي تشويش ٿي ۽ گهڻي غور ويچار کان پوءِ نيٺ هو ان نتيجي تي پهتو ته هي ڪو اهڙو نئون وائرس آهي جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. سندس اهو به اندازو هيو ته 2003ع ۾ چين ۾ جيڪو ساهه جي بيماري پئدا ڪندڙ وائرس ظاهر ٿيو هيو جنهن کي ”سارس“ (SARS) يعني ( سِوِيئر اڪيوٽ ريسپائريٽري سنڊروم ) جو نالو ڏنو ويو هو شايد هاڻوڪو وائرس به اهو ساڳيو ئي يا ان جهڙو ئي هجي. بحرحال ان وقت تائين چين ۾ اڃا اها خبر ڪنهن کي به ڪونه پئجي سگهي هئي ته ملڪ ۾ هاڻي ٻيهر وري ڪو خطرناڪ وائرس پئدا ٿي چڪو آهي. آخر ڪار ڊاڪٽر لي ڊسمبر 2019ع جي هڪ ڏينهن ان ڳالهه جو اظهار سوشل ميڊيا جي “WeChat”تي پنهنجي دوستن جي هڪ گروپ سان ڪيو. ڪجهه دوستن ته سندس اها ڳالهه ڪونه پئي مڃي ۽ وري ٻين دوستن کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو ڇاڪاڻ ته چين ۾ ڪجهه سختيون آهن ۽ اظهار جي گهڻي آزادي به ڪونهي پر ڊاڪٽر لي وينليانگ هن وائرس جي خطرناڪ اثر کي ڄاڻيندي خاموش رهي نه ٿي سگهيو تنهڪري هن اها ڳالهه پنهنجي سينيئر ڊاڪٽرن ۽ اعليٰ عملدارن تائين به پهچائي جهن کان پوءِ هڪ تحرڪ پئدا ٿيو. اها خبر جڏهن انتظامي ايوانن تائين پهتي تي ڊاڪٽر لي کي پوليس اسٽيشن تي گهرائي داٻو ڏنو ويو ته هو اهو غلط افواهه عام ڪري عوام ۾ هراس ٿو ڦهلائي. پوليس اهڙي ڇنڊ ڊاڪٽر لي جي ٻين ستن دوستن کي به ڏني جن کي پڻ هن نئين وائرس اچڻ جي خبر پئجي چڪي هئي. ڊاڪٽر لي کين گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي ڪو نئون وائرس اچي ويو آهي پر هن جي ڳالهه کي رد ڪري کيس حڪم ڏنو ويو ته ان غلط خبر کي اڳتي وڌائڻ کان باز اچي ۽ خاموشي سان وڃي اسپتال ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڪري. ويچارو ڊاڪٽر بي وس ٿي واپس اچي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ لڳو ۽ ائين مريضن کي تپاسيندي هڪ ڏينهن پاڻ به ان وائرس جو شڪار ٿي ويو ۽ آخر ڪار ڪجهه ڏينهن اندر ئي 34 سالن جي ننڍي عمر ۾ حياتي وڃائي ويٺو. ڪورونا وائرس جو پهريون دفعو اطلاع ڏيندڙ ڊاڪٽر لي جي زندگي ته ستين فيبروري 2020ع تي پڄاڻي تي پهتي پر هي نئون پئدا ٿيل وائرس پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. هڪ ماڻهو کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين ۽ پوءِ ائين ڏسندي ڏسندي هن وائرس ووهان شهر جي وڏي آبادي کي سٽي وڌو ۽ ماڻهن جي بيمار ٿيڻ ۽ مرڻ جي رفتار تيز ٿيندي وئي. نيٺ چين ۽ ووهان جي انتظاميه جڏهن اها صورتحال ڏٺي تڏهن کين ڊاڪٽر لي جي ڳالهه جي سچائي ڌيان ۾ آئي ۽ پوءِ وائرس جي موجودگي کي تسليم ڪندي ان کي ”نوول ڪورونا وائرس“ ۽ ان وائرس لڳڻ جي ڪري پئدا ٿيندڙ بيماري کي ” ڪورونا وائرس ڊزيز 2019“ يا مختصر طور ”ڪووڊ 2019“ ( COVID-2019) جو نالو ڏنو ويو. تيسائين هي وائرس چين جي سينٽرل هوبائي صوبي جي هڪ ڪروڙ ڏهه لک آبادي واري شهر ووهان ۾ وڏي تباهي آڻي چڪو هو، نه رڳو ايترو پر هن وائرس سان انفيڪٽيڊ ٿيل ماڻهن جي ٻين شهرن ۽ ملڪن ڏانهن سفر جي ڪري هي وائرس ٻين ملڪن ۾ پڻ پهچي اتان جي آبادي کي به نقصان پهچائڻ لڳو ۽ اهڙي طرح سموري دنيا هن وائرس جي لپيٽ ۾ اچي وئي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن هن وائرس کي عالمي وبا جو درجو ڏئي سخت احتياطي قدم کڻڻ جو مشورو ڏنو ۽ اهڙي طرح اسان ڏٺو ته تقريبن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو. ڪاروبار بند ٿي ويو، شهرن ۽ ملڪن ڏانهن اچ وڃ بند ٿي وئي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، روڊ رستا ويران ٿي ويا ۽ اسپتالون وائرس جي مريضن سان ڀرجي ويون. هن وقت تائين دنيا ۾ موت اڌ لک کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون آهن.

آخرڪار چين کي به ڊاڪٽر لي جي ياد اچڻ لڳي جنهن ان خطرناڪ وائرس جو اطلاع ڏنو هيو. جيڪڏهن ڊاڪٽر لي وينليانگ جي ان ڳالهه تي بروقت ئي ڌيان ڏئي قدم کنيان وڃن ها ته شايد ايتري تباهي نه اچي ها. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي نيٺ لوڪل انتظاميه ڊاڪٽر لي جي موت تي ڊاڪٽر جي خاندان کان معافي ورتي ۽ ائين هي ڊاڪٽر هڪ سٺي مسيحا جي حيثيت ۾ تاريخ جو هڪ امر ڪردار ٿي ويو.