how would critical thinking help with writing a paper who to write a essay do homework and get paid creative writing stephen king lloyds bank will writing service will you do your homework creative writing workshop maryland creative writing describing a park can i write a 3000 word essay in a day idea generation in creative writing creative writing course in hyderabad i taught creative writing creepypasta

ڪورونا جي ٻئي لهر وڌيڪ ٽيونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 53 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 392 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 69 لک 19 هزار 699 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 272 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 86 هزار 634 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 17 هزار 636، پنجاب ۾ هڪ لک 40 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 255، اسلام آباد ۾ 38 هزار 146، بلوچستان ۾ 18 هزار 218، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 325 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 866 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 663 ٿي ويو آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 866 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي،. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ  10 هزار 311 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 686 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 40 هزار 660 ٿي ويو آهي.