ڪورونا جي مصيبت ۾ عوام لاءِ خوشخبري: ڊيزل 27 ۽ پيٽرول 15 رپيا سهانگو

اسلام آباد :- حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپين تائين لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري ڊويزن طرفان جاريڪيل بيان موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 81 رپيا 58 پئسا هوندي. اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 27 رپيا 15 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 80 رپيا 10 پئسا هوندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 30 رپيا هڪ پئسو لاٿ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 47 رپيا 44 پئسا ٿي ويندي. اهڙي ريت لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 47 رپيا 51 پئسا تي اچي وئي آهي. پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳوهوندا. خيال رهي ته ٻه ڏينهن پهرين اوگرا پيٽرول 20 رپيا 68 پيسا سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. اوگرا جي طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 20 رپيا ، 68 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 33 رپيا 94 پيسا لاٿ جي سفارش ڪئي وئي هئي، لائيٽ ڊيزل 24 رپيا 57 پيسا في ليٽر ۽ گاسليٽ 44 رپيا 7 پيسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي لاءِ سمري اماڻي هئي. ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون تاريخ جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويون آهن، جنهن کانپوءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته فوري طور عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.