ڪورونا جو خطرو: ڊبليو ايڇ او سڄي دنيا کي تڪڙ ۾ پابنديون هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو

جنيوا :- عالمي صحت واري اداري(ڊبليو ايڇ او) حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪوبه ملڪ پابنديون هٽائڻ ۾  تڪڙ نه ڪري. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي  اڳواڻ ٽيڊورس اذائوم گريبيسس چيو آهي ته پابدنيون فوري طور تي هٽائڻ سان ڊگهي معاشي اثرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ڪورونا وائرس به ٻيهر سامهون اچي سگهي ٿو. ڪورونا جو خاتمو ڪري  ئي پابندين جي خاتمي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري ڪوبه ملڪ پابنديون هٽائڻ ۾  تڪڙ نه ڪري.  ان کان علاوه جنيوا مان جاري ٿيندڙ تازي رپورٽ ۾ ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ڪورونا جون نشانيون ظاهر ٿيندڙ ماڻهو ٿڪ ۽ نڪ مان نڪتل پاڻي جي ڦڙن جي ذريعي ويجهو رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس منتقل ڪندا آهن. رپورٽ ۾ متاثر ماڻهن ۽ آلوده شين ۽ سڌو سنئون رابطي جي انفڪيشن جا ٻيا ذريعا قرار ڏنو ويو آهي ان سان خبر پئي ٿي ته متاثر ماڻهن جونشانيون شروعاتي 3 ڏينهن ۾ خاص طور تي خطرناڪ ٿينديون آهن ڇو ته ان عرصي ۾ نڪ ۽ گلي جو وڌيڪ وائرس خارج ٿيندو آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته وائرس جي ظاهر ٿيڻ جي مدت 5 يا 6 ڏينهن آهي. پر هي 14 ڏينهن تائين به ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته متاثر ماڻهن جون نشانيون پيدا ٿيڻ کان اڳ به وائرس پکڙجي سگهي ٿو.