ڪورونا الميو هڪ آزمائش جي گهڙي: فضل الرحمان ميمڻ

سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ته گهايَلِ ڪيئن گهارِينِ
پِئَلَ پاسو پَٽَ تان، وَڍِيلَ نه وارِينِ
پَرِ ۾ پَچِي پرينءَ کي، هَئي هَنجهُون هارِينِ
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه رُونِ نه چُونِ ڪِين.
(سريمن)
ڪورونا عالمگير وبا جي الميي کي منهن ڏيڻ جي بنيادي ذميواري ته سرڪار جي آهي پر سنڌ سرڪار جو سنڌ جي ماڻهن سان ماضيءَ ۾ جيڪو وهنوار رهيو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسان رڳو سرڪار تي ڀاڙيون ته سنڌي ماڻهن جي حالت وتائي فقير جي ڪيل دين واري ڀيڻ جي ٿي ويندي. ان ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اُڀرندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ صوبائي ۽ وفاقي سرڪاري مشينري سان گڏو گڏ معاشري جي ٻين ذمه دارن جو به فرض آهي، جنهن ۾ قومي پارٽيون، سياسي پارٽيون، درگاهن جا گادي نشين، مذهبي اڳواڻ، سول سوسائٽي جا فردَ، قوم جا ڏاها / مفڪر / دانشور شامل آهن. اخباري ۽ سوشل ميڊيا جا ذريعا واضح طرح ٻڌائن ٿا ته سرڪاري مشينري ته ناڪام ٿي چڪي آهي. پر ٻين جو به ڪو منظم ڪردار نظر نه پيو اچي. انهن سڀني شعبن جي ذمه دار فردن پاران ڪابه گڻڻ جوڳي سرگرمي، ڪابه لائين، ڪابه مهم جوئي، ڪوبه ٽارگيٽ، ڪابه همٿ افزائي، ڪا به انسپائيريشن نظر نه پئي اچي؟
لاڪ ڊائون جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر معاشري جو اهو طبقو ٿيو آهي، جيڪو روز ڪمائي ٿو ۽ روز کائي ٿو. اهو پيڙهيل پورهيت طبقو روز صرف ايترو ٿو ڪمائي سگهي جنهن سان هو صرف پنهنجي پيٽ جي باهه اجهائي سگهي، پر هينئر ان وسيلي کان به محروم آهي. روزاني صحت جا مسئلا هر ڪنهن سان لڳل آهن. صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هو سرڪاري اسپتالن جا در بند ڏسي تهائين وڌيڪ پريشان آهي، ۽ جيڪڏهن ڪٿي علاج جو دروازو کليل آهي ته اهو غريب جي وس کان مٿي آهي. ڪراچي جا ڪجهه دوست ملي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي وسندين جي حقيقي ضرورتمند پورهيت خاندانن تائين راشن پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهيءَ دوران دوست ٻڌايو ته “ڪچي آباديءَ ۾ هڪ اهڙي عورت سان ملاقات ٿي، جيڪا اٺن ڏينهن کان ناقابل برداشت سُور ۾ تڙپي رهي هئي. ڪجھ عرصو اڳ سندس ٻار ضايع ٿيو، تنهن کان پوءِ سندس ٻچيداني ۾ ڪو اهڙو انفيڪشن ٿيو جو گذريل ڪيترن ڏينهن کان سندس بليڊنگ بند نه پئي ٿي ۽ هوءَ سخت بخار جي ڪيفيت ۾ مبتلا هئي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اصل ساڪري جي هن ٻٽيھ سالا عورت کي سندس موالي مڙس ڇڏي ويو آهي ۽ هوءَ پنهنجي بيواھ ماءُ سان گڏ رهي ٿي ۽ گهرن ۾ ڪم ڪري پنجن ٻارن کي پالي ٿي. ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن کيس شديد سور پيو ته اوڙي پاڙي وارا کيس ڊائو اسپتال وٺي ويا. اسپتال انتظاميا کيس پين ڪلر ڏئي وقتي رليف ڏنو، پر مڪمل علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چيو، جنهن لاءِ کائنس ٽيھ هزار رپيا گهريا ويا. وٽس رقم نه هئي تنهنڪري گهر موٽي آئي. هوءَ اسان جي سامهون روئي ۽ تڙپي رهي هئي، پر چاهيندي به اسان سندس ترت مدد ڪري نه سگهياسين”. ڪراچيءَ جي ڪچي آبادين ۾ رهندڙ هر ٽئين چوٿين غريب سنڌيءَ گهراڻي جا ان جهڙا دل چيرنيدڙ مسئلا آهن. پر انهن آبادين جا هوند وارا امير توڻي وچين طبقي وارا ماڻهو صرف پنهنجي ذات جي چوڌاري ڦرندڙ زندگي گذاري رهيا آهن. اوڙي پاڙي کان بيحد غافل ۽ بي رحماڻي زندگي انهن پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏي آهي. هي ته ٿيا عام ماڻهو پر اهڙي صورتحال ۾ قومي ڪارڪنن ۾ تحرڪ ۽ تڙپ ڪٿي آهي؟، سياسي پارٽين جا منشور ڪٿي آهن؟، مريدن لاءِ تصوف جي شريعت جا حڪم ڪٿي آهن؟، ٻانهن لاءِ، ٻانهن کي خدا جا عطا ڪيل خدائي ذميوارين جا تفصيل ڪٿي آهن؟، روشن فڪر سيڪيولر رهنمائي ڪٿي آهي؟، سول سوسائٽي جو تحرڪ ڪٿي آهن؟، قوم جي مدد ۽ رهنمائي لاءِ قلم ڇو ماٺ پيو نظر اچي؟، هي سڀ ساڃاهه وند، انهن جا ادارا ۽ تحريڪون ڇو خاموشي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. انهن ۾ اهو تحرڪ ڇو نٿو نظر اچي جنهن جي مدد سان انهن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي. انهن جي قلم ۾ اهو اثر ڇو نه ٿو نظر اچي جنهن جي مدد سان ڀلائي، فلاح، احسانمندي، ايثار، قرباني(مال جي، وقت جي، صلاحيتن جي)، صبر (مقصد جي حاصلات لاءِ ثابت قدم رهڻ)، درگذر، قومي ٻڌي، پاڻ ارپڻ جهڙا عظيم آدرش پيدا ٿين.
قومن جا اُهي مثبت رويا ڪهڙا آهن؟ جيڪي قومن کي ڏکيائين ۽ عذابن جي آزمائش ۾ همٿ ڏيندا آهن، حوصلو ڏيندا آهن، رهنمائي ڪندا آهن، مددگار ٿيندا آهن ۽ قومن جي جياپي جو سبب بڻبا آهن.
انهن کي ڪيئن اجاگر/زنده ڪجي؟، انهيءَ تحريڪ کي سماج ۾ ڪير سرگرم ڪندو؟. سنڌي قوم جا ڏاها انهيءَ معاملي ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪن؟. پر اهي بهتر رهنمائي تڏهن ڪري سگهندا جڏهن پاڻ قرباني، ايثار ۽ سهائتا جو عملي ثبوت ڏيندا. بدقسمتيءَ سان اسان آرام طلبي ۽ سهل پسنديءَ جا اهڙا عادي ٿي ويا آهيون جو اسان ڪو وڏو انساني ڪم شروع ڪري نٿا سگهون.
ماڻهوءَ جي شخصيت جو سانچو معاشري جي نفسياتي اثرن ۽ انهن جي عملي زندگي موجب تيار ٿئي ٿو. ايامن جي غلاميءَ، ذهنن کي به غلام بڻائي ڇڏيو آهي. پر ذهن اڻپڙهيل ماڻهن جا غلاميءَ جي سنگهرن ۾ ڦاٿل هجن ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر پڙهيل ۽ ساڃاهه وند ۽ پاڻ کي سياڻو سيبتو سمجهندڙ ماڻهو به پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي بيوسي، غربت، بدحالي ۽ عذابن ۾ ورتل زندگيءَ تي ڪهڪاءُ نه کائڻ ۽ انهن جي سهائتا ۽ ڀائپيءَ جو ڪو مستقل نظام وجود ۾ نه آڻين ته نفس پرستي، خواهشن ۽ خود غرضين واري زندگي به بدترين غلاميءَ جو هڪ قسم آهي.
عملي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا رويا مددگار ٿين ٿا؟
اهي ڪهڙا عملي ڪم آهن جن جي مدد سان اسان پنهنجي ڏتڙيل ماڻهن جي حالت بهتر بڻائي ٿا سگهون؟
هي ڪورونا الميو اسان جي شعور، ساڃهه، سوچ، فڪر ۽ عملي زندگيءَ جي آزمائش آهي. هي الميو اسان جي ماضيءَ ۾ ڪيل علمي ۽ عملي تيارين کي وائکو ٿو ڪري ته اهي ڪيتريون سگهاريون ۽ ڪارآمد آهن. گڏوگڏ انهيءَ جي به نشاندهي ڪري رهيو آهي ته اسان کي پنهنجا ڪهڙا قبله درست ڪرڻا آهن، اسان ڪٿي کٽل آهيون، اسان جو ڪهڙيون ڪهڙيون ڪوتاهيون آهن جن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اپاءُ وٺڻ کپن.؟؟