ڪورنا وائرس: سڄي دنيا جي هڪ سئو اٺاسي ملڪن ۾ تيرنهن هزار ستهٺ ڄڻا فوت

نيويارڪ:- سڄي دنيا ۾ ڪورنا جي خطرناڪ وائرس 188 ملڪن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ 13 هزار 67 ٿي ويو آهي ڪورونا سبب هينئر تائين 3 لک 8 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

اٽلي ۾ 793 فوتگيون هڪ ئي ڏينهن ۾ ٿيون. ڏکڻ ڪوريا ۾ 2، چين ۽ فلپائن ۾ 6-6 ۽ آمريڪا ۾ وڌيڪ 46 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. آفريڪا ۾ به لاڪ ڊائون جي شروعات ڪئي وئي آهي. چين کان پوءِ ڪورونا يورپ ۾ داخل ٿي ويو آهي. اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. 24 ڪلاڪن دوران سڀني کان وڌيڪ 793 ماڻهو فوت ٿيا.

گڏيل انگ 4 هزار 8 سئو 25 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ وڌيڪ 46 ڄڻا فوت ٿيڻ کان پوءِ انگ 348 ٿي ويو آهي. 2 هزار 652 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ايران ۾ 1556، اسپين ۾ 1381 ۽ فرانس ۾ 562 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته ڪورونا مثبت نڪرڻ جي صورت ۾ هر ماڻهو کي مفت طبي امداد ڏني ويندي. ڪورونا جي ٽيست جي لاءِ اميگريشن اسٽيٽس چيڪ ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته صورتحال اٽلي کان به خراب ٿي سگهي ٿي. فوتين جو انگ 233 آهي. آفريڪا جي  به ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون جي شروعات ڪئي آهي جتي ڪيسن جو انگ هڪ هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.