ڪوئيٽا ۾ پورهيتن جي لاشن سوڌو ڌرڻو جاري، پورهيتن جا لاش دفنائڻ کي وزيراعظم جي دوري سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا := ڪوئيٽا ۾ لاشن سوڌو ڌرڻي تي ويٺل متاثرن ۽ حڪومتي ٽيم ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد بلوچستان جي وڏي وزير طرفان هزارا برادري کي شهيدن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان مشروط نه ڪرڻ جي اپيل، وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، وزيراعظم ۽ صدر به متاثرن سان ڳالهين لاءِ ايندا، پورهيتن جا لاش دفنائڻ کي وزيراعظم جي دوري سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي،  ڌرڻي ۾ وڃي هزارا برادري کي مڙهه دفنائڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، وفاقي وزير علي زيدي ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرز چيو آهي ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ ۾ پرڏيهي دشمن ملوث آهن، دشمن قوتون چاهين ٿيون ته بلوچستان ۾ بدامني پکيڙي پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪريون