ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ڪراچي (اسپورٽس خبر):- پاڪستان سپر ليگ فور جي فائنل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. پشاور زلمي طرفان مليل 139 رنسن جو هدف ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي پشاور جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهي سگهي. عمر امين 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪامران اڪمل 21، صهيب مقصود 20، ڪپتان ڊيرن سيمي 18، وهاب رياض 12، نبي گل 9، ڪيرون پولارڊ 7 ۽ امام الحق 3 رنسون ٺاهيون. ڪوئيٽا طرفان محمد حسنين بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڊوائن براوو 2، محمد نواز ۽ فواد احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز گهربل هدف 18هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. احمد شهزاد 59 ۽ رائلي روسو 39 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيا. آئوٽ ٿيندڙن ۾ احسان علي 25 ۽ شين واٽسن 7 رنسون ٺاهيون.