ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي آل رائونڊر شين واٽسن بگ بيش ليگ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سڊني :- سڊني ٿنڊرز جو اڳوڻو ڪپتان پي ايس ايل کيڏندو رهندو.تفصيل موجب ٽي ٽوئنٽي جي سڃاڻپ شين واٽسن وڏو اعلان ڪندي آسٽريليا جي مشهور ليگ بگ بيش تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته شين واٽسن سڊني ٿنڊرز جو ڪپتان هو.شين واٽسن پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان لاڳاپيل آهي، هو پي ايس ايل کيڏندو رهندو، 37 ورهين جي آسٽريلوي رانديگر شين واٽسن 2016ع ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، 2007ع ۽ 2015ع جي ورلڊ چيمپيئن ڪينگروز ٽيم جو حصو هو.