ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي رحجان ۾ اضافي سان ڪوئلي جي ملڪي آمدني واپار 30 ملين ٽن ساليانو تائين وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد : ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي رحجان ۾ اضافي سان ڪوئلي جي ملڪي آمدني واپار 30 ملين ٽن ساليانو تائين وڌڻ جو امڪان آهي، ڪوئلي جي بندگاه کان پاور پلانٽس تائين موڪلڻ لاءِ محفوظ ۽ موثر نظام جي ضروت آهي، جنهن سان ماحوليات جي مسئلي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ماحوليات جي شعبي ۾ خدمتن سرانجام ڏيندڙ محمد عاقل پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ان وقت سيمنٽ تيار ڪرڻ واري مقامي ادارا 8 ملين ٽن ڪوئلو آمدني واپار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ واري پاور پلانٽس ساليانو 12 ملين ٽن ڪوئلو آمدني واپار ڪندا آهن. ان طرح ڪوئلي جي موجوده ملڪي آمدني واپار20 ملين ٽن ساليانو آهي. هن چيو ته ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانن جو انگ ۾ اضافي سان ايندڙ سالن جي دوران ڪوئلي جي ملڪي آمدني واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. محمد عاقل چيو ته بندگاه کان پالنٽس تائين ڪوئلي جي موڪلڻ واري نظام کي وڌيڪ محفوظ ۽ موثر بنائڻ جي ضروت آهي ته جئين ماحوليات ۽ صحت جي مسئلي کان بچي سگهجي.