ڪنگري ۾ ناياب پکي تترن جو شڪار سبب نسل ختم ٿيڻ لڳو، عملدار خاموش

صدرجي ڀٽيون :- ڪنگري، فيض محمد ٻنڍو، ڪيٽي عبدالرحمان انڙ، ڪيٽي ممتاز ڀٽو ۾ شڪار سبب تترن جو انگ گهٽجي ويو آهي، جنهن تي ساڃاهه وندن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ماري ڄار وسيلي تتر پڪڙي انهن کي باءِ پاس تي وڪرو ڪن ٿا. شڪاري شڪار ڪيل پکين سان فوٽو سوشل ميڊيا تي رکڻ کي به اعزاز سمجهن ٿا، جنهن لاءِ قدم کڻي شڪار تي پابندي مڙهي ڪاري ۽ بگي تتر کي بچايو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي وائيڊ لائيف عملدار سيد عبدالرزاق چيو ته شڪارين بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، اهڙي رپورٽ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪبي. ٻڌايو پيو وڃي ته بگڙو تتر 5 کان 7 هزار تائين جڏهن ته ڪارڙو تتر 25 هزار کان ڏيڍ لک تائين ماڻهو خريد ڪن ٿا.