ڪنڊيارو ويجهو ڪاليج گرائونڊ تي راند کيندڙ نوجوان اڻڄاتل هٿياربندن هٿان کنڀجي ويو

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ويجهو مبينا طور اڻڄاتل هٿياربندن راند کيڏندڙ نوجوان کي کنڀي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ علڻ ڪليري جو رهواسي نوجوان عمران ڪليري ڊگري ڪاليج گرائونڊ تي راند کيڏي رهيو هو ته ٻن ويگو گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي ويا. وارثن جو چوڻ آهي ته هنن ڪنڊيارو پوليس کي واقعي بابت اطلاع ڏنو آهي، نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي. پوليس واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان کي ڪا خبر ناهي.