ڪنهن به شخص جي ذريعي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جي لاءِ پيغام نه موڪليو ويو هو: اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام چيو آهي ته مون ڪڏهن به اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ ناهي گهريو. رپورٽ موجب ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام ٻن لفظن ۾ انڪار ڪيو ته اسان ڪنهن به شخص جي ذريعي وزيراعظم نوازشريف کي ڪوبه پيغام ناهي موڪليو. هن چيو ته مون ڪنهن کي به وزيراعظم ڏانهن ڪوبه پيغام ڏيڻ لاءِ ناهي موڪليو. اهو بالڪل غلط آهي. هن چيو ته 2014 جي ڌرڻي وقت مان حڪومت کي مشورو ڏيندو رهيس ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سان سياسي طريقي سان منهن ڏنو وڃي ته جيئن احتجاج ختم ڪرائي سگهجي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پهريون ڀيرو سڀني جي سامهون دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام 2014 جي حڪومت خلاف ڌرڻي دوران مون کي پيغام موڪليو هو ته اڌ رات تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. تازو ئي منعقد ٿيل مسلم ليگ(ن) جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس دوران نوازشريف پارٽي ميمبرن کي ٻڌايو ته مون کي اڌ رات جو هڪ پيغام مليو هو